نواز شريف ۽ آصف زرداري جي سياست ختم، آخري وقت گهر يا جيل ۾ هوندا: فواد چوڌري
December 11, 2018 at 8:32 pmاسلام آباد ( بيورو ) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته احتساب جو عمل شروع ٿي ويو آهي، وزيرن کان سوال به احتساب آهي، وزيراعظم سڀني وزيرن کي ٻڌائي ڇڏيو آهي ته توهان جوابده آهيو، عوام جي هڪ هڪ رپئي جي ٽيڪس جي حڪومت جوابده آهي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته اهڙا قدم کڻي رهيا آهيو جنهن سان قومي ناڻي کي فائدو ٿيندو، ڪابينا جي خاص اجلاس ۾ سمورن وزيرن پنهنجي ڪارڪردگي بيان ڪئي. هن چيو ته ڪارڪردگي سان گڏ وزيراعظم وزيرن کان سوال ۽ جواب به ڪيا، نئين روايت آهي جو وزير پنهنجي ۽ وزارت جي ڪارڪردگي کان آگاهه ڪري رهيا آهن، مديني جي رياست طرفن وڌڻ جي شروعات ڪئي آهي، هر ڪو جوابده آهي. هن چيو ته ڪابينا جي اجلاس ۾ ڇو ڪم ٿي رهيو آهي تنهن بابت پڇاڻو ڪيو ويو، خرچ گهٽ ڪرڻ، گاڏيون نيلام ڪرڻ پهريون ڀيرو ٿي رهيو آهي، اسان جو ڪو سياسي ٽارگيٽ ناهي، اسان جو هدف چئلينجن کي منهن ڏيڻو آهي. فواد چوڌري چيو ته نواز شريف ۽ آصف زرداري پنهنجي سياست ڪري ڇڏي آهي، ٻنهي کي آخري وقت جيل يا گهر ۾ گذارڻو پوندو، پ پ ۽ مسلم ليگ ن جي سياست جو مرڪز رڳو تنقيد آهي، اهي رڳو تنقيد ڪندا ٻيو ڪجهه نه ڪري سگهندا. هن چيو ته احتساب جو عمل شروع ٿي ويو آهي، وزيرن کان سوال به احتساب آهي، عمران خان سڀني وزيرن کي ٻڌائي ڇڏيو آهي ته توهان جوابده آهيو. سندس چوڻ هو ته عوام جي ٽيڪس جي پئسي مان نواز شريف جو لنڊن ۾ 4 ڪروڙ کان وڌيڪ جو علاج ٿيو، پي آءِ اي جو جهاز موڪلي 4 ڪروڙ رپيه ضايع ڪيا ويا. فواد چوڌري چيو ته جاتي امرا جي هڪ سر به هنن پنهنجي پئسي مان نه لڳائي آهي، عوام جي پئسن مان گورنر هائوس ۾ چانهه پي ويندي هئي، قومي ناڻي جي پئسي مان سندن عياشين تي خرچ ٿيو. هن چيو ته پاڪستان جئين مليو ان جي معاشي صورتحال عوام جي سامهون آهي، اسان معيشت کي بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، اسان جي حڪومت کي گورننس ۽ معيشت جو چئلينج آهي، اسان لاءِ چئلينج آهي ته اسان کي پاڪستان کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻو آهي.