نيب سعد رفيق جي خلاف ثبوت چاهي ٿي، گرفتار جوابدارن تي تشد ڪيو ويندو آهي: مجاهد ڪامران

November 16, 2018 at 7:39 pm

لاهور(م ڊ) پنجاب يونيورسٽي جي اڳوڻي وائس چانسلر ڊاڪٽر مجاهد ڪامران الزام هنيو آهي ته نيب اختيارين خواجا سعد رفيق جي خلاف ثبوت چاهي ٿي. ضمانت تي آزاد ٿيڻ بعد هڪ انٽرويو ۾ مجاهد ڪامران جو چوڻ هو ته ننڍي سيل ۾ 4 ماڻهن کي رکيو ويندو آهي جتي حراست هيٺ جوابدارن تي تشدد به ڪيو ويندو آهي. هن چيو ته واش روم ۾ به ڪيميرا لڳل آهي، اِن جو جاچ سان ڪهڙو تعلق؟ هن چيو ته حاجي نديم کي پيراگون ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو، جوابدار حاجي نديم تي سندس زال ۽ ٻارن جي سامهون تشدد ٿيو، هڪ جوابدار کي سندس ماءُ جي سامهون ماريندا رهيا. پنجاب يونيورسٽي جي اڳوڻي وائس چانسلر الزام هنيو ته نيب اختياريون خواجا سعد رفيق جي خلاف ثبوت چاهن ٿيون. پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير جي حوالي سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر مجاهد ڪامران جو چوڻ هو ته شهباز شريف کي 13 نمبر سيل ۾ اڪيلو رکيو ويو. هن چيو ته اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف جي پرنسپل سيڪريٽري فواد حسن فواد کان سلطاني شاهد بڻجڻ جو پڇيو، جنهن تي هن ٻڌايو ته شاهد بڻجان ها ته اڄ جيل ۾ نه هجان ها. مجاهد ڪامران چيو ته سينيٽر راڻا مقبول جو ويجهو عزيز به گرفتاري آهي، نندي پور پاور پلانٽ جو هڪ ڊرائيور به حراست هيٺ آهي، ڊرائيور فرانس آئل چوري ڪرڻ وارن جو تصويرون بڻايون هيون. هن چيو ته سرگوڌا يونيورسٽي جي وائس چانسلر سان خراب سلوڪ ڪيو ويو، 25 سالن جي آفيسر چيو ته منهن تي چماٽ هڻندس. مون سان ائين ڪن ها ته اهڙو ئي جواب ڏيان ها. مجاهد ڪامران چيو ته هٿڪڙيون لڳائڻ ۾ عار ناهي، ان سان بهتري آئي آهي. اڳوڻي وائس چانسلر چيو ته نيب مان ڪا به اميد ناهي، سچ سامهون آڻيندس. هن چيو ته پهريون ڀيرو نيب دفاعي پوزيشن تي آهي، نيب چيئرمين کي به ٻڌايو ته ڪڏهن حرام جي ڪمائي ناهي کاڌي. هن چيو ته منههنجي خلاف حراسگي ڪيس جو منصوبو هڪ فيشن ڊيزائنر جي گهر تي بڻيو، جنهن تي چيف سيڪريٽري ڪيس بڻايو هو هاڻ يو ايس ايڊ ۾ آهي. ڊاڪٽر مجاهد ڪامران چيو ته نائن اليون جي خلاف ڪتاب لکڻ تي آمريڪي اسٽيبلشمينٽ منهنجي خلاف ٿي وئي، امريڪا وڃڻ تي هر ڊي ايم جي آفيسر سان سي آءِ اي رابطو ڪندي آهي.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو