نيب منهنجي خلاف قيامت تائين ڪجهه ثابت ڪري نه سگهندي: شهباز شريف
December 11, 2018 at 8:31 pmاسلام آباد(بيورو) مخالف ڌر اڳواڻ ۽ ن ليگي صدر ميان شهباز شريف چيو آهي ته نيب مون خلاف قيامت تائين ڪجهه به ثابت ڪري نه سگهندي.اسلام آباد ۾ مسٽر انڪليو کان پارليامينٽ ويندي نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي شهباز شريف جو چوڻ هو ته حڪومت جي هڪ سئو ڏينهن واري ڪارڪردگي تي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندس. هن چيو ته نيب قيامت تائين مون خلاف ڪجهه ثابت ڪري نه سگهندي، کيس ٽڪي جي به ڪرپشن نه ملندي.هن چيو ته رب پاڪ جي فضل ڪرم سان عوام جي خدمت ڪئي آهي، مون صوبي کي خادم طور پنهنجو رت ۽ پگهر ڏنو آهي.