نيب کي سياسي مقصد لاءِ استعمال ڪيو وڃي: شاهد خاقان عباسي
November 9, 2018 at 6:22 pmاسلام آباد ( بيورو ) مسلم ليگ ن اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته واضح ٿي ويو ته نيب ڇا ڪري رهيو آهي ۽ ادارو جو استعمال ڪهڙي مقصد لاءِ ٿي رهيو آهي. اسلام آباد ۾پريس ڪانفرنس ڪندي شاهد خاقان عباسي چيو ته ڳالهه سڌي آهي ته ڳالهائيندا ته نيب جو ڪيس ٺهي ويندو. هن چيو ته اڄ ماڻهن جا پٽڪا لاٿا پيا وڃن اها ملڪ جي سياسي نظام کان انتقام جي ڪوشش آهي. سندس چوڻ هو ته نيب وٽ ڪو به ثبوت ناهي، رڳو مفروضن تي ٻڌل الزام هنيا ويا آهن، هڪ ڊي جي ليول جو شخص اچي الزام لڳائي ٿو جڏهن ته وٽس ڪو به ثبوت ناهي. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته جيڪاڏهن کي ميڊيا ٽرائل ڪرڻو آهي ته اسان کي ويهاري ڪيو وڃي، اسان ان جو جواب ڏينداسين.