نيب کي ڪنهن جي عزت مجروح ڪرڻ جو اختيار ناهي:سنڌ هاءِ ڪورٽ

January 11, 2019 at 11:09 pm

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ هڪ ڪيس جي ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏنا آهن ته نيب کي ڪنهن جي عزت مجروح ڪرڻ جو اختيار ناهي. چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ جسٽس احمد علي شيخ جي سربراهي ۾ عدالت جي فاضل بينچ ڄام خان شوري جي نيب انڪوائريز ۾ گرفتاري کان اڳ واري ضمانت جي درخواست جي ٻڌڻي ڪئي. ڄام خان شوري عدالت کي ٻڌايو ته مون کي نيب جو ڪال اپ نوٽيس مليو آهي. مون نيب اختيارين کي سهڪار جي خاطري ڪرائي آهي. نيب جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته ڄام خان شورو سرڪاري پلاٽن جي غير قانوني نيلامي ۾ ملوث آهي، انڪوائري مڪمل ٿي وئي آهي، هاڻ جاچ شروع ڪئي ويندي، انڪوارئي کي جاچ ۾ تبديل ڪرڻ جي لاءِ معاملو اسلام آباد موڪليو ويو آهي، عدالت نيب پراسيڪيوٽر کان پڇاڻو ڪيو ته توهان وٽ ڪيس جي فائل آهي يا نه؟ نيب اختيارين ٻڌايو ته مڪاني ادارن واري اڳوڻي وزير جي خلاف ٽي مختلف انڪوائريون هلي رهيون آهن، ٽن انڪوائرين ۾ جاچ جي لاءِ باقاعده نوٽيس موڪليا چڪا، هو گلستان جوهر ۾ 62 سرڪاري پلاٽن جي غير قانوني نيلامي ۾ ملوث آهي، هن 2017ع ۾ سرڪاري پلاٽ پنهنجي فرنٽ مين اوشڪ راهو جي نالي منتقل ڪرايا، سرڪاري پلاٽن جي غير قانوني نيلامي ۾ اڳوڻو ڊي جي ڪي ڊي اي ناصر عباس گرفتار آهي، ڊي ايم سي ملير جو اڳوڻو ايڊمنسٽريٽر عبدالرشيد ۽ محمد انور ڄام خان شوري جا فرنٽ مين آهن، اڳوڻي وزير تي ٺٽي ضلعي جي ديهه ڪوهستان ۾ 262 زرعي ايراضي ڳڙڪائڻ جو به الزام آهي. نيب آفيسر طرفان تسلي بخش جواب نه ملڻ تي عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته جاچ ڪڏهن شروع ٿيندي اسان کي وقت ٻڌايو، توهان ماڻهو ڪيترن ئي سالن کان جاچ ڪري رهيا آهيو، اِهو نٿو ٿي سگهي ته ٽن سالن تائين ڪنهن کي رهڙيندا رهون، ڇا توهان چاهيون ٿا ته توهان جي ڊي جي کي هتي گهرائي بيهاريون؟ هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي نيلامي ٿي هئي توهان هاءِ ڪورٽ جو حڪم ڇو چيلينج ناهي ڪيو؟ توهان ماڻهو ٽي ٽي ڪلاڪ ماڻهن کي ويهاريندا آهيو توهان کي ويهاريو ته توهان جو رڙيون نڪري وينديون، توهان کي ڪنهن جي عزت مجروح ڪرڻ جو اختيار ناهي. عدالت ڄام خان شوري کي جاچ ۾ مددگار ڪرڻ جي هدايت سندس عبوري ضمانت ۾ 8 مارچ تائين واڌ ڪري ڇڏي.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو