نيوزيلينڊ سانحي تي اڄ سوڳ جو اعلان، قومي جهنڊو جهڪيل رهندو

March 18, 2019 at 6:39 am

اسلام آباد ( بيورو ) نيوزيلينڊ ۾ جمعي ڏينهن ٿيل دهشتگرد حملي ۾ مجموعي طور 49 پاڪستاني شهيد ٿيا جنهن ۾ 9 پاڪستاني شامل آهن، حڪومت سڀاڻي قومي جهنڊو جهڪيل رکڻ جو اعلان ڪيو آهي.  اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شاهه محمود قريشي چيو ته منهنجون نيوزيلينڊ جي پرڏيهي وزير سان ڳالهيون ٿيون آهن، هو تمام گهڻو ڏکويل آهي، نيوزيلينڊ ۾ جنهن شخص حملو ڪيو تنهن جو تعلق آسٽريليا سان آهي. هن چيو ته ٻنهي مسجدن تي هڪ ئي شخص حملو ڪيو، پهريون هڪ مسجد ۾ وڃي فائرنگ ڪئي جنهن بعد ٻئي مسجد ۾ ويو جنهن جو فاصلو پنج ڪلو ميٽر آهي، جتي هن ٻيهر فائرنگ ڪئي.  شاهه محمود قريشي چيو ته واقعي ۾ مجموعي طور 50 ماڻهو شهيد ٿيا ۽ سموري ڪارروائي 36 ڪلاڪن تائين جاري رهي. هن چيو ته حملو ڪندڙ تازو ئي مختلف ملڪن کان ٿيندي واپس پهتو هو، واقعي کان اڳ ان شخص هڪ اي ميل ذريعي آگاهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته سندس ڪهڙو ارادو آهي.  هن چيو ته نيوزيلينڊ حملي بعد چار گرفتاريون ٿيون آهن، ميتن جي حوالگي جو عمل سڀاڻي کان شروع ٿي ويندو، ڇهه خاندان پنهنجي فردن جي تدفين ڪرائسٽ چرچ ۾ ئي ڪرڻ چاهين ٿا، جڏهن ته ٽن خاندانن خواهش ڏيکاري آهي ته هو پنهنجي پيارن کي پاڪستان ۾ دفن ڪرڻ چاهين ٿا، تنهن ڪري سندن مڙهه پاڪستان آندو ويندو، ان حوالي سان حڪم به جاري ڪيا ويا آهن.  شاهه محمود قريشي چيو ته نيوزيلينڊ جي پرڏيهي وزير کان درخواست ڪئي آهي ته ميتن جي منتقلي جو عمل جيترو ممڪن ٿي سگهي تيز ڪيو وڃي ته جيئن سندن تدفين ٿي سگهي، باقي جيڪي متاثر خاندان فيصلو ڪندا سندن ساٿ ڏينداسين.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو