هيڊ ڪوچ ۽ مئنيجر اعجاز احمد پاڪستان جي ايمرجنگ ٽيم کي ايشيا ڪپ جي حقيقي چيمپين قرار ڏئي ڇڏيو

November 25, 2019 at 5:22 pm

لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ايمرجنگ ٽيم جي هيڊ ڪوچ ۽ مئنيجر اعجاز احمد پاڪستان جي ايمرجنگ ٽيم کي ايشيا ڪپ جي حقيقي چيمپين قرار ڏئي ڇڏيو.  سعود شڪيل جي اڳواڻي ۾ کيڏندڙ پاڪستان ايمرج/ڏسو صفحو 3 بقايا نمبر 77

نگ ٽيم ٽورنامينٽ ۾ ناقابل شڪست رهي ۽ ڍاڪا ۾ ٿيندڙ فائنل ۾ ميزبان بنگلاديش کي پاڪستان جي هٿان شڪست ملي. پاڪستان ايمرجنگ ٽيم جي ڪاميابي تي خوشي جو اظهار ڪندي اڳوڻي ٽيسٽ ڪرڪيٽر اعجاز احمد جو چوڻ آهي ته نوجوان رانديگرن جي جيتري تعريف ڪئي وڃي اها گهٽ آهي. هر رانديگر ذميواري جو مظاهرو ڪيو ۽ فتح ۾ حصو وڌو آهي. هن چيو ته مان پاڪستان جي ٽيم کي حقيقي چيمپين ٽيم ان لاءِ چوندس ڇو ته پاڪستان جي ٽيم ناقابل شڪست رهي آهي. هن ڀارت، سريلنڪا، افغانستان ۽  بنگلاديش جهڙي ٽيمن کي شڪست ڏني ۽ جنهن سطح تي ڪاميابي جي ضرورت هئي اها ملي وئي آهي. رانديگرن کي داد ڏيندي اعجاز احمد جو چوڻ هو ته سعود شڪيل، عمران رفيق، سيف بدر، روحيل نذير، حيدر علي، عمير بن يوسف ۽ عماد بٽ جهڙن رانديگرن متاثر ڪيو آهي. انڊر 16 ۾ به ڪجهه رانديگرن کي مارڪ ڪيو ويو آهي  ان سان گڏ به ڪم ڪرڻو آهي انهن کي پالش ڪرڻو آهي ۽ صلاحيتن کي اڀارڻو آهي ٽارگيٽ اهو آهي ته قومي ٽيم کي سٺا رانديگر فراهم ڪري سگهون. هن چيو ته پي سي بي اسان تي اعتماد ڪيو آهي ۽ ٽيم ايشيا ڪپ کٽي شڪريو ادا ڪيو آهي.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو