هٿرادو طور ڊالر کي ڪنٽرول نه ڪنداسين، اسٽيٽ بئنڪ بااختيار آهي: اسد عمر

November 30, 2018 at 7:54 pm

اسلام آباد ( بيورو ) ناڻي واري وزير اسد عمر چيو آهي ته اسٽيٽ بئنڪ بااختيار آهي، هٿرادو طور ڊالر کي ڪنٽرول نه ڪيو ويندو. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اسد عمر چيو ته پاڪستان تي پرڏيهي قرض 95 ارب ڊالر تائين پهچي ويو آهي، اسان ڊالر سستو ڪري پنهنجي پيداوار تباهه ڪئي آهي، پاڪستان ڊالر سستو ڪرڻ سبب ڪڻڪ برآمد نه ٿو ڪري سگهي. هن چيو ته ڊالر سستو ڪرڻ سبب عالمي پيداوار يونٽ کي فائدو پهچايو پيو وڃي، پاڪستان ۾ ڊالر سستو ٿيڻ سبب جوتا ٺهڻ بند ٿي ويو آهي، ٽيڪسٽائيل جي صنعت تباهه ٿي وئي، ٽيڪسٽائل يونٽ ڪٻاڙي جي ملهه وڪامجي ويا. سندس چوڻ هو ته گذريل سال 19 ارب ڊالر جو ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو هو، ڊالر جو معاملو طلب ۽ رسد سان جڙيل آهي، ڊالر جي طلب وڌيڪ آهي ۽ دستياب گهٽ آهي. اسد عمر چيو ته ماضي ۾ هٿرادو نموني رپئي جو ملهه برقرار ۽ ڊالر جو گهٽ رکيو ويو هو پر اسٽيٽ بئنڪ هاني پنهنجي طور فيصلا ڪري رهي آهي، هٿرادو طريقي سان اسٽيٽ بئنڪ کي ڪنٽرول نه ٿو ڪري سگهجي.  هن چيو ته زراعت ۽ صنعت کي مستحڪم ڪرڻو آهي، اڃا گهڻو ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي پر درست رخ اچڻ شروع ٿي ويو آهي، عوام لاءِ ڏکيائيون آهن پر اسان جي پاليسين سبب جلد بهتري ايندي.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو