هڪجهڙي تعليمي نصاب جي تياري لاءِ ڪم جاري آهي: تعليم وارو وفاق وزير

November 12, 2018 at 4:58 pm

اسلام آباد ( بيورو ) تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود جو چوڻ آهي ته سموري ملڪ ۾ هڪ جهڙي تعليمي نصاب جي تياري لاءِ ڪم جاري آهي. اسڪولن ۾ ٻارن کي سندن دلچسپي وارا هنر سيکارڻ لاءِ پروگرام متعارف ڪرايا ويندا. تفصيل موجب تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ملڪ ۾ هڪجهڙو تعليمي نظام رائج ڪرڻ لاءِ اپاءُ وٺي رهيا آهيون. پاڪستان ۾ هڪجهڙو تعليمي نظام ناهي، هڪجهڙي تعليمي نصاب جي تياري لاءِ ڪم جاري آهي. تعليم واري وزير جو چوڻ هو ته هر پاسي اها ئي سوچ آهي ته اسان کي تعليمي ميدان ۾ اڳتي وڌڻو آهي. تعليم لاءِ بجيٽ کي وڌيڪ وڌائڻو آهي، ملڪ جي سمورن ٻارن کي اسڪولن ۾ آڻڻ لاءِ قدم کڻڻا پوندا. هن چيو ته جتي ٽيچر ٽريننگ جي کوٽ آهي اتي ٽيڪنالوجي ذريعي ان ڪمي کي پورو ڪيو ويندو. اسان کي پنهنجي مستقبل جي معمارن کي بهتر ماحول ٺاهي ڏيڻو آهي. تعليم جي شعبي ۾ ٽيڪنالوجي جو استعمال ڪنداسين. شفقت محمود جو چوڻ هو ته اسڪولن ۾ ٻارن کي سندن دلچسپي وارو ڪو به هنر سيکارڻ لاءِ ڪم ڪنداسين. ٻارن کي تعليم سان گڏ هنر لاءِ به اپاءَ وٺي رهيا آهيون، هڪجهڙي تعليمي نظام لاءِ وزيراعظم کي جلد سفارشون پيش ڪنداسين. هن چيو ته 8 کان 10 ڏينهن ۾ اسلام آباد ۾ سمورن ٻارن کي اسڪول آڻڻ جو پروگرام آندو ويندو، هڪ اندازي موجب اسلام آباد ۾ 28 کان 30 هزار ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن. تعليم واري وزير چيو ته شروعاتي طور تي ان ٻارن کي اسڪولن ۾ آڻڻ لاءِ پروگرام لانچ ڪيا ويندا. پروگرام ڪامياب ٿيڻ جي صورت ۾ ان جو دائرو سموري ملڪ تائين وڌايو ويندو. حڪومت جو تعليم جي ميدان ۾ اڳتي وڌڻ جو پڪو پهه ڪيو آهي.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو