وارنر، فنچ ۽ ميڪسويل جو ڪُٽڪو، سريلنڪا کي وڏي مارجن تان شڪست

October 28, 2019 at 6:08 pm

ايڊيليڊ (اسپورٽس نيوز) آسٽريلوي ڪرڪيٽ ٽيم اوپنر ڊيوڊ وارنر جي شاندار سينچري جي مدد سان سريلنڪا کي پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ 134 رنسن جي وڏي مارجن تان شڪست ڏئي ڇڏي.ايڊيليڊ ۾ سريلنڪن ڪپتان لاسٿ ملنگا ٽاس کٽي پهريان بالنگ جو فيصلو ڪيو، جيڪو مهمان ٽيم لاءِ خوفناڪ ثابت ٿيو ۽ ڪينگروز اوپنرن شروعات کان ئي سريلنڪن بالرن خلاف جارحاڻي راند جو مظاهرو ڪيو.ڪپتان ايرون فنچ ۽ ڊيوڊ وارنر ٽيم کي 122 رنسن جي بهترين شروعات فراهم ڪئي، فنچ 64 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو پر وارنر شاندار بيٽنگ جو مظاهرو جاري رکندي رڳو 56 بالن تي ناٽ آئوٽ سينچري مڪمل ڪري ٽيم کي وڏي ٽوٽل تائين پهچائڻ ۾ اهم ڪردار نڀايو، ان سان گڏوگڏ گلين ميسڪيول 38 بالن تي 62 رنسن جي تيز اننگز کيڏي. آيو. شو جي آخر ۾ جڏهن شنيرا ڊزائنر صبا اسد سان گڏ ريمپ تي واڪ

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو