واھ “وتايا” واھ!ڊاڪٽر اسد جمال پلي

November 24, 2019 at 6:07 pm

ھو تمام وڏو اصلاح ڪندڙ، عقلمند انسان ۽ سندس عقل اتاھين درجي تي فائز ھو. عقل جو ھي اھو اتاھون درجو آھي جتان انسان فنا کان بقا جون منزلون طئه ڪري اتاھين اڏام اڏامي سگھندو آھي. ھو عالم به ھو ته فاضل به ھو. مخدوم محمد اسماعيل سومري اگھاماڻي واري جو شاگرد ھو. ھو پاڻ نه صرف مخدوم صاحب وٽ پڙھندو ھو پر مدرسي جي شاگردن جا وار به ڪوڙيندو ھو ۽ سندن ڪپڙا به ڌوئيندو ھو. سندس وڏي ڀاءُ جو نالو عبدالعالي ۽ سندس نالو عبدالمعالي ھو. ھو شاھ ڪريم بلڙي واري کان ننڍو ۽ شاھ عنايت رضوي کان ڄمار ۾ وڏو ھو. مخدوم عبداللطيف لنواري واري جي پٺيءَ کي چميائين جو کيس مخدوم محمد الزمان لنواري واري جي ولادت جي مبارڪ ڏنائين ۽ شاھ حبيب کي دعا ڪيائين ته توکي اللھ پاڪ صاحبزادو ڏيندو ۽ سندس نالو عبداللطيف رکجان. ھي اھو عبداللطيف ڀٽائي ٿيو جيڪو سنڌ جي شان، مان، عزت ۽ عظمت جو علمبردار آھي. سندس وڏو ڀاءُ خوش الحان ھو ۽ سندس ان ئي مٺي آواز ۽ مڌر لات جي ڪري شيخ لحينڙو يا شيخ لھينڙو سڏيو ويو، جنھن جو مقبرو ٽنڊي الھيار شھر جي اولھ ۾ آھي ۽ قبو بس اسٽاپ سڏجي ٿو ۽ شيخ لحينڙي جي دامن ۾ شيخ عبدالمعالي جي مزار آھي، جنھن جي ظاھري طور طريقن سبب کيس وتايو فقير سڏيو ويو.وتايو فقير پنھنجي ظاھري فقيراڻي لباس ۾ وتايو، اندر ۾ وڏو عالم ۽ اڪابر ھو. سندس دور جي سنڌ ملڪ جي حالتن کيس وتايو فقير بڻايو. سندس دور جو سنڌ ملڪ ان وقت تمام ڏکين انتظامي ۽ معاشي حالتن ۾ ھو. پنھنجن ۽ غيرن جي تڪرار واري انھي سنڌ ۾ اصلوڪا بدحال ۽ غير خوش الحال ۽ غالب ھئا. برسر اقتدار قوتن نه صرف سچ ۽ ڪوڙ جا معيار مٽائي ڇڏيا ھئا بلڪ پنھنجي دين جون وصفون به پنھنجي پسند جون ٺاھي ڇڏيون. جنھن جا ڪپڙا اڇا اھو چڱو مڙس ڄڻ مانُ مڙس جو نه پر ڪپڙن جو ھو. تڏھن ته ڪپڙن کي پئي چيائين ته ڀت کائو. فقير جيڪو ديني علم پڙھي آيو انھي جو ته اظھار ڪرڻ به ڏکيو. ھنن حالتن ۾ ھن ڏاھي ماڻھوءَ ويھي ويچاريو ته ڪھڙي طرح عقل ۽ سمجھ جون ڳالھيون ڪجن. پوءِ ھن ويھي وتائي وارو روپ  ڌاريو ۽ وتندو ھو تمام اھم ۽ ڏاھپ واريون ڳالھيون عوامي لھجي ۾ چوندو. ھن جو مقصد به ھو ته عوام کي صحيح گس به سونھائجي ۽ سندس رستا روڪ به نه ٿئي. ھن جڏھن اگھاماڻي جي جامع مسجد مان نمازين جا ٽولا خشوع ۽ خضوع کان خالي ايندي ڏٺا ته انھن جي ڀرسان بيھي مسجد کي مخاطب ٿيو ته “جامي! (اي جامع مسجد) ھينئر ته ڏند پئي ڪڍين. ڪڏھن سجدي لاءِ سڪنديئين.” اھا ڳالھ ٻڌي تماشائي ته کلندا ويا پر اھلِ دل تڏھن به رنا ۽ اڄ اگھاماڻو پنھنجن دڙن ڀڙن سميت انھيءَ سچ جو شاھد آھي. اگھاماڻي جي کنڊرن جي اوڀر ۾ جيڪو پراڻو وھڪرو آھي اتي مخدوم صاحب جي مقبري جي سامھون جيڪو گھيڙ آھي اھو اڄ به “وتائي جو گھيڙ” سڏجي ٿو ۽ ان گھيڙ جي سامھون وتائي جي مسجد جون ديوارون اڄ به زمين ۾ پنھنجا وجود سُجھائين ٿيون. ھن عَبدَ ۽ مَعبود جو فلسفو ڦِٿل گدري جي نقل ۾ ڪيڏو آسان ڪري سمجھائي ڇڏيو آھي ته انسان جنھن حقيقي معبود کي سجدو ٿو ڪري ان جي ڪَٿِ ڪيئن ٿو ڪَٿي. ھن دور ۾ ته اظھار جا ڪيئي ذريعا آھن ۽ انسان پنھنجي اندر جو آواز اُچاري سگھي پيو پر فقير صاحب گُھٽ ۽ ٻوسٽ جي ماحول ۾ ڪيترائي عام فھم لفظ اسان کي ڏئي ڇڏيا آھن جيڪي ورجائي اسين تمام ڏکيا ڪم به آسان ڪريو ڇڏيون ته، “چَريا کَريا آھيون ته به پنھنجا سڃاڻون پيا.”  پنھنجا ھن ته سڃاتا پئي پر اسان کي به سمجھائي ويو ته غير ته غير  آھن، پنھنجا سڃاڻون.

ھن پنھنجي ادراڪ، عقل ۽ فھم سان اھو طريقو اختيار ڪيو جنھن سان ھو تمام ڏکيون ڳالھيون آساني سان چئي سگھي. ڪنھن ڪنواري عورت جي جنازي کي ڏسي اھو چوڻ ته، “مُئي برداشت ڪيائون پر ڏنائون ڪنھن کي به نه.” ھن دور ۾ به ڪيترو ڏکيو آھي اھا ڳالھ ڪرڻ. ھن ننڍڙي جملي ۾ اھا سگھ آھي جيڪا اڃان تائين دنيا ۾ عورتن جون نمائنده تنظيمون به حاصل ڪري نه سگھيون آھن. عورتن کي حق نه ڏيندڙن لاءِ ھن ننڍڙي جملي ۾ تير ۽ تفنگ جيتري طاقت آھي پر ايترو سڌو سچ چوڻ ۽ اڳئين کي اھو سچ ٻڌڻ کانسواءِ ڪو به رستو نه ڏيڻ، اھو طريقو صرف وتائي فقير وٽ ھو. فقير سيکاريو ته اللھ پاڪ سان محبت ڪريو. حق تي ھلو ۽ حجت ڪريو. ھي جيڪو عوام الناس کي اسان جي مبلغن رڳو ڊپ ڏنا آھن ۽ ڊپ به اھڙا جو معصوم ماڻھو به ڪنبن ۽ پگھرجن، فقير ان کي ايڏو ته سولو ۽ سنھجو ڪري پيش ڪيو آھي جو ڳالھ سمجھ ۾ اچيو وڃي. ايئن به ٿيو آھي ته ڪجھ نقلي فقيرن پنھنجا نقل ٺاھي وتائي فقير جي کاتي ۾ لکيا آھن پر اھا ڳالھ سمجھڻ مشڪل نه آھي .

ته فقير جو ھر لفظ اعليٰ انساني معيارن سان مناسبت رکندڙ نقطو آھي ۽ سندس نالي ۾ گھڙيل ڳالھيون ان ئي معيار کان وانجھيل آھن. فقير جي نقطي جو معيار ته ڏسو، “امان دوزخ ۾ باھ ته ھر ڪو دنيا مان پاڻ سان گڏ کڻي وڃي ٿو!” 

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو