وزيراعظم عمران خان جلد استعيفيٰ ڏيڻ وارو آهي: بلاول ڀٽو زرداري

October 28, 2019 at 6:23 pm

اسلام آباد(بيورو) پاڪستان پيپلز پارٽي جي سربراهه بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جلد استعيفيٰ ڏيڻ وارو آهي.بلاول ڀٽو زرداري نيب ريفرنس ۾ گرفتار پنهنجي والد آصف زرداري سان اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي ۽ سندس عيادت ڪئي، ان دوران ملڪي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.ان کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڪورٽ آرڊر جي باوجود آصف زرداري کي طبي سهولتون مهيا نه پيون ڪيون وڃن، اسان جو مطالبو آهي ته طبي سهولتن جي فراهمي بابت عدالتي حڪم تي مڪمل عملدرآمد ڪيو وڃي، نواز شريف جيان آصف زرداري کي به نجي ڊاڪٽر تائين رسائي ڏني وڃي، ن ليگ ۽ اسان جي قيادت جي حياتين سان کيڏيو پيو وڃي، آصف زرداري اي اسي ايل مان نالو ڪڍڻ ۽ ٻاهر وڃڻ جي اجازت ناهي گهري.پ پ چيئرمين چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت کان ملڪ، سياست ۽ معيشت نه پئي هلي، نااهل سليڪٽيڊ ڪٺ پتلي ۽ جعلي ضدي وزيراعظ ملڪ نه ٿو هلائي سگهي، عمران خان جلد استعيفيٰ ڏيڻ وارو آهي، آزادي مارچ ۾ شرڪت ڪندڙ سمورن ماڻهن کي سلام پيش ڪريان ٿو، اڇان ته اهو سفر شروع ٿيو آهي اڃان گهڻو ڪجهه ٿيڻ وارو آهي

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو