وزيراعظم عمران خان ڀارت کي هڪ ڀيرو ٻيهر ڳالهين جي آڇ ڪري ڇڏي

February 27, 2019 at 7:25 pm

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اڳ ئي خدشو هو ته ڀارت ۾ چونڊون ويجهو آهن، تنهن ڪري ڪجهه نه ڪجهه ٿي سگهي ٿو، جنگ لڳي ته مودي ۽ منهنجي هٿ ۾ ڪجهه نه هوندو. قوم کي خطاب ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته ڪالهه صبح کان جيڪا صورتحال قائم رهي آهي، چاهيو پئي ته اُن حوالي سان قوم کي اعتماد ۾ وٺان. پلوامه حملي کانپوءِ ڀارتي سرڪار کي آڇ ڪئي ته هر قسم جي جاچ ڪرائڻ لاءِ تيار آهيون، اسان کي خبر آهي ته جيڪو جاني نقصان ٿيو آهي، اُن تي ڀارتين کي ڪهڙي تڪليف ٿي هوندي، ڇاڪاڻ ته 10 سالن دوران پاڪستان اندر دهشتگردي سبب 70 هزار جانين جو نقصان ٿيو آهي. وزيراعظم جو چوڻ هو ته ڀارت کي چيو ته حملي ۾ جيڪڏهن ڪو پاڪستاني ملوث آهي ته هر قسم جو سهڪار ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، پاڪستاني سرزمين کي ڪنهن ٻئي ملڪ لاءِ استعمال ڪرڻ اسان جي مفادن ۾ نه آهي، اهو معاملو تڪراري نه هو پر خدشو هو ته ڀارت ڪا ڪارروائي ڪندو، تنهن ڪري مون چيو هو ته جيڪڏهن ڀارت ڪا اڳرائي ڪئي ته اسان ڪارروائي لاءِ مجبور ٿينداسين. وزيراعظم چيو ته ڪالهه صبح جو ڀارت طرفان اڳرائي ڪئي وئي، جاني نقصان کان بچڻ جي ڪري اسان ڪارروائي نه ڪئي ۽ بنا معلومات جي ڪارروائي ڪرڻ غير ذميواري هجي ها. هن چيو ته اڄ صبح جو ڪارروائي ڪئي، اڳ ئي طئه هو ته اهڙي حساب سان هدف کي ٽارگيٽ ڪيو ويندو، جنهن سان ڪوبه جاني نقصان نه ٿئي. ڪارروائي جو مطلب رڳو اهو هو ته ڀارت کي ٻڌائي سگهون ته جيڪڏهن اهي اسان جي ملڪ ۾ اچي ڪارروائي ڪري سگهن ٿا ته اسان به ڪارروائي ڪرڻ جي صلاحيت رکون ٿا. ڀارتي جهازن صبح لائين آف ڪنٽرول جي ڀڃڪڙي ڪئي، جنهن تي پاڪستان هدف بڻايو ۽ ضروري آهي ته ڀارت کي ٿورو عقل ۽ ڏاهپ جو استعمال ڪرڻ گهرجي. خطاب دوران وزيراعظم چيو ته ڇا امريڪا سوچو هو ته افغانستان ۾ 17 سالن تائين قابض رهندو، دنيا جي تاريخ ٻڌائي ٿي ته جنگين ۾ نقصان ٿيو آهي. سوال هي آهي ته اسان جنگ ۾ نقصان برداشت ڪري سگهون ٿا، اهڙي صورتحال پيدا ٿي ته حالتون نه منهنجي ۽ نه ئي نريندي مودي جي ڪنٽرول ۾ هونديون. وزيراعظم چيو ته ڀارت سان دهشتگردي جي حوالي سان ڳالهين لاءِ تيار آهيون، ٻنهي ملڪن کي ويهي مسئلي جو حل ڪڍڻ گهرجي.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو