وزيراعظم ناڻي واري وزير اسد عمر کي آءِ ايم ايف جي چوڻ تي هٽايو: خورشيد شاهه

May 5, 2019 at 6:54 pm

اسلام آباد:  (بيورو) پ پ جي سينئر اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان ناڻي واري وزير اسد عمر کي آءِ ايم ايف جي چوڻ تي هٽايو هو.اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته ناڻي واري وزير جي تبديلي پٺيان آءِ ايم ايف آهي،  وزيراعظم عمران خان اڳوڻي ناڻي واري وزير اسد عمر کي آءِ ايم ايف جي چوڻ تي هٽايو آهي. هڪ بيان ۾ خورشيد شاهه چيو ته منهنجي ڄاڻ آهي ته اسد عمر کي هٽائڻ لاءِ باقر رضا کي استعمال ڪيو ويو،  باقر رضا ذريعي پيغام پهچايو ويو ته آءِ ايم ايف اسد عمر مان خوش ناهي.هن چيو ته اهو به ٻڌايو ويو ته اسد عمر جي موجودگيءَ ۾ آءِ ايم ايف پئڪيج نه ملندو.  هن چيو ته آءِ ايم ايف سخت فيصلا نه ڪرڻ تي اسد عمر مان خوش نه هو، آءِ ايم ايف سمجهي پيو ته اسد عمر کي ڪا خبر ناهي، ناڻي واري وزير جو حق آهي ته پنهنجي مرضي جي ٽيم آڻي. خورشيد شاهه چيو ته حڪومت بجيٽ کان پهريان ئي مهانگائي ڪري تباهي مچائي ڇڏي آهي. رمضان ۾ هونئن ئي مهانگائي 30 کان 40 فيصد وڌي ويندي آهي. توقع هئي ته رمضان کان پهريان آئل جون قيمتون وڌائي بيوقوفي نه ڪئي ويندي. ٽيڪس نيٽ وڌائڻ جي بجاءِ سمورو وزن غريب عوام مٿان وڌو ويو آهي. هي سمورا پئسا عوام مان ڪڍي پنهنجي حڪومت هلائڻ چاهين ٿا.هن چيو ته مون سوچيو به نه هو ته تيل جون قيمتون 122 روپيه ليٽر ٿينديون. اسان جي دور ۾ تيل 140 ڊالر في بيرل ۽ هن وقت 70 ڊالر في بيرل آهي. خورشيد شاهه چيو ته هي حڪومت نااهل ثابت ٿي آهي. هر شيءَ کان هٿ ڪڍيو پئي وڃي. ملڪ جا غريب ماڻهو ماني جي ڳڀي لاءِ محتاج آهن. هاڻ شايد هو روزو به نه کولي سگهن. تيل جون قيمتون وڌايون ويون، دوائن جي قيمتن ۾ 400 فيصد اضافو ڪيو ويو آهي. هن چيو ته اسان پهريان چيو هو ته آءِ ايم ايف وٽ فوري طور تي وڃو. اسان چيو هو ته توهان جيڪڏهن ڦاسي چڪا هوندو ۽ پوءِ اوهان آءِ ايم ايف وٽ ويندو ته انهن جون شرطون سخت هونديون. هنن اسان جي ڳالهه کي نه مڃيو ۽ هن وقت هي آءِ ايم ايف وٽ ويا آهن جڏهن مڪمل طور تي ڦاسي ويا آهن.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو