وزير اعظم پاڪستان جي لاءِ فڪرمند آهي،حددخليون دوران متاثرن جي حقن جو مڪمل خيال رکيو ويندو : فواد چوڌري

December 21, 2018 at 5:22 am

اسلام آباد(بيورو) سڌُ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته وزير اعظم پاڪستان جي لاءِ فڪرمند آهي. ميڊيا بريفنگ ڏيندي هن چيو ته جنوري ۾ يو اي اِي جو ولي عهد محمد بن زيد جڏهن ته فيبروري ۾ سعودي عرب جو ولي عهد محمد بن سلمان پاڪستان جو دورو ڪندو. هن چيو ته وزير اعظم عمران خان شروع کان بچت جو سلسلو شروع ڪري رکيو آهي ۽ اسان ان تي ڪاربند رهڻو آهي، اسان کي پنهنجي پيرن تي بيهڻو آهي، ان ڪري اسان کي خرچ گهٽ ڪرڻا پوندا، وزير اعظم ان مد ۾ ملڪن جا غير ضروري دورا ڪرڻ جي به حق ۾ ناهي. هن چيو ته وفاقي وزيرن کي پرڏيهي دورا گهٽ کان گهٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي جڏهن ته وزير اعظم عمران خان گهڻو ضروري هجي ته پرڏيهه جا دورا ڪندو آهي. وفاقي وزير ٻڌايو ته آصف زرداري جي خلاف ريفرنس داخل ڪئي وئي آهي. حددخلين جي حوالي سان ڳالهائيندي هن چيو ته حددخليون دوران متاثرن جي حقن جو مڪمل خيال رکيو ويندو. فواد چوڌري جو چوڻ هو ته اجلاس ۾ اي سي ايل ۾ شامل ڪجهه نالن تي غور ڪيو ويو آهي جڏهن ته محسن داوڙ ۽ علي وزير جا نالا ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ مان هٽايا ويا آهن. هن چيو ته وزير اعظم عمران خان اڄ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل سان ٽيليفون تي ڳالهيون ڪندو. وفاقي وزير جو چوڻ هو ته اسلام آباد جي لاءِ ماسٽر پلان تيار ڪري رهيا آهيون، پنجاب جي 6 شهرن جي لاءِ ماسٽر پلان بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي جڏهن ته پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي لاءِ به ماسٽر پلان بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. هن چيو ته وزير اعظم عمران خان دوائن جي قيمتن ۾ واڌ جو به نوٽيس ورتو آهي. دوائن جي قيمتون مقرر ڪرڻ جي لاءِ ٽاسڪ فورس بڻائي ڇڏي آهي، ٽيڪس ڪوليڪشن جي لاءِ به سڌارا جاري آهن.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو