وفاقي حڪومت جي هڪ سئو ڏينهن واري ڪارڪردگي ٻُڙي آهي: مراد علي شاهه

November 30, 2018 at 7:51 pm

 گهوٽڪي(ڊ ر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته وفاقي حڪومت جي هڪ سئو ڏينهن واري ڪارڪردگي ٻڙي آهي ۽ هي عوام تي مهانگائي جا بم ڪيرائيندي پئي وتي.گهوٽڪي ۾ صوبائي وزير ڄام مهتا
ب ڏهر جي رهائشگاهه تي صحافين سان ڳالهائيندي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته وفاقي حڪومت جي هڪ سئو ڏينهن واري ڪارڪردگي ٻڙي آهي، هي عوام تي مهانگائي جا بم ڪيرائيندي ٿي وتي.هن چيو ته وفاقي حڪومت جي غلطين جي نشاندهي ڪريون ٿا ته هو ڪاوڙ ٿا ڪن، وفاقي حڪومت ۾ برداشت گهٽ آهي، هي ماڻهو اڃا تائين پاڻ کي اپوزيشن ۾ سمجهي رهيا آهن.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو