وفاقي سرڪار ٻڌائي ته ڪهڙي نڀاڳي اين آر او گهريو آهي، ڪو ته نالو کڻو :خورشيد شاهه
February 13, 2019 at 7:42 pmسکر(ڊ ر)پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي استحڪام جي جدوجهد ڪنهن شخيصت لاءِ ناهي. پارليمنت ۽ ان جي هر اداري کي مضبوط ۽ مستحڪم ڏسڻ چاهيون ٿا. شخصيتون اينديون رهنديون آهن، پر ادارن جي ڪارڪردگي سان ملڪ مظبوط هوندا آهن. خورشيد شاهه جو چوڻ هو ته سٺي روايتن جو قيام ۽ استحڪام ئي اصل جمهوريت آهي، حڪومت سياسي نا تجربي ڪاري جي سبب هر معاملي تي يوٽرن وٺي ٿي، حڪومت پنهنجي ناڪامي جو الزام اپوزيشن کي ڏيندي آهي، حڪومت چيلهه چٻي مهانگائي تي فوري طور قدم کڻي.پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته وفاقي سرڪار ٻڌائي ته ڪهڙي نڀاڳي اين آر او گهريو آهي، ڪو ته نالو کڻو، ڪجهه ته ٻڌايو، پي ٽي آءِ سرڪار وٽ اڪثريت ناهي، اسان ڪجهه به ڪري سگهون ٿا. پهريان ڪڏهن به اسٽيڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين خلاف بي اعتمادي جي رٿ ناهي آئي، اسان کي به خبر آهي ته وزيراعظم عمران خان ۽ وزيرن خلاف نيب ڪيسز آهن، خورشيد شاهه چيو ته عمران خان وٽ اڪثريت ناهي، اسان گهڻو ڪجهه ڪري سگهون ٿا.