وفاقي سرڪار پاران واپارين تي مڙھيل واڌو ٽيڪس ۽ مهانگائي خلاف سموري سنڌ ۾ واپارين جي سڏ تي مظاهرا ڪري شٽربند هڙتالون ڪيون ويون

October 29, 2019 at 11:24 pm

ڪراچي (نمائندن وٽان) وفاقي سرڪار پاران واپارين تي مڙھيل واڌو ٽيڪس ۽ مهانگائي خلاف سموري سنڌ ۾ واپارين جي سڏ تي مظاهرا ڪري شٽربند هڙتالون ڪيون ويون، ننڍن وڏن شهرن ۾ ڪاروبار بند رکيو پيو وڃي، ڪراچي، حيدرآباد، سکر، ميرپورخاص، دادو، لاڙڪاڻو، شڪارپور، جيڪب آباد، ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ، ڦلجي اسٽيشن، نوابشاهه سوڌو سموري سنڌ ۾ مظاهرن جو سلسلو جاري آهي، ڪاروبار بند رکيو ويو آهي.
شاهپورچاڪر ۾ واپارين جي تنظيم فيڊريشن آف ڪامرس جي سڏ تي شھر ۾ مڪمل شٽر بند هڙتال آهي، شھر جا سمورا سنڌڙي چوڪ، گڙياني چوڪ، مک بس اسٽاپ نيو ڪالوني سميت سمورا علائقا، چوڪ ۽ بازارون بند پيل آهن، احتجاجي مظاهرو پڻ ڪيو ويو، واپارين جي مرڪزي تنظيم تاجران پاڪستان جي سڏ تي سموري سنڌ جيان شڪارپور ۾ به شٽربند ھڙتال ڪئي وئي آهي، ڍڪ بازار، مينابازار، ڀوڳڙي بازار سميت سموريون بازارون بند پيل آهن، واپارين پاران ھڙتال سبب شھر ڪاروباري سرگرميون معطل ڪيون ويون آهن، ڪنڌڪوٽ ۾ به پوري سنڌ جيان ڪنڌڪوٽ ۾ به تاجر ۽ صرفا بازار يونين طرفان مڪمل شٽربند هڙتال ڪئي پئي وڃي ۽ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، سونارن پاران ظالمانا ٽيڪس خلاف 2 ڏينهن تائين مڪمل شٽربند هڙتال ڪئي ويندي.
واپاري اڳواڻن چيو ته حڪومت جي غلط پاليسين سبب ملڪ جي معيشت تباھي ڪناري تي آھي، سليڪٽڊ وفاقي سرڪار هڪ سال جي اندر ايترا ته غيرقانوني واڌو ٽيڪس مڙھيا آھن جو واپارين سميت ملڪ جي هر شھري جو جيئڻ جنجال بڻجي ويو آھي، هنن چيو ته وهنجڻ واري صابڻ کان زندگي روز مرھ جي هر شي تي سرڪار ٽيڪس اوڳاڙي پئي، حڪومت جو پيٽ نٿو ڀرجي، واپارين سميت هر ماڻھو کان ملندڙ ٽيڪس خبر ناهي ته ڪيڏانهن ٿي وڃي، حڪمرانن جي ناقص پاليسين سبب ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي عام مسڪين عوام جو جيئڻ محال ڪري ڇڏيو آھي. حڪومت ايف بي آر ٽيڪس نيٽ وڌائڻ بدران واپارين کي تنگ ڪري پئي،حڪومت پنھنجي پاليسين تي نظر ثاني نه ڪئي ته شٽر بند ھڙتالن جو سلسلو جاري رهندو.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو