وفاقي ڪابينه ڪورونا رليف پيڪيج جي لاءِ ٻارنهن سئو ارب روپين جي منظوري ڏئي ڇڏي
March 31, 2020 at 4:29 pm
اسلام آباد: (اڱارو 31 مارچ 2020ع) وفاقي ڪابينه ڪورونا ريليف پيڪيج جي لاءِ 1200 ارب روپين جي ريليف پيڪيج جي منظوري ڏئي ڇڏي.
وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينه جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ ڪورونا وائرس سميت مختلف معاملا غور هيٺ آيا. ذريعن موجب وفاقي ڪابينه ڪورونا ريليف پيڪيج جي لاءِ 1200 ارب روپين جي ريليف پيڪيج جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.
جڏهن ته ڪابينه جي اجلاس ۾ وزيراعظم عمران خان مختلف شهرن ۾ اٽي جي کوٽ جي شڪايتن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. وزيراعظم پڇاڻو ڪيو ته جڏهن اٽو گهڻي مقدار ۾ موجود آهي ته ڪير کوٽ پيدا ڪري رهيو آهي.؟
کائڻ پيئڻ وارين شين جي قيمتن ۾ اضافو ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي. سمورا صوبا ان تي ڪارروائي ڪن. وزيراعظم عمران خان فوڊ جي سيڪريٽري کي فوري طور تي ڪارروائي جي هدايت ڪندي چيو ته ذخيره اندوزي ٿي رهي آهي ته اهڙن ماڻهن کي بنا ڪنهن رعايت جي سزائون ڏنيون وڃن.
ڪابينه جي اجلاس ۾ وفاقي وزيرن حڪومتي قدم بهتر نه هجڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته وزيراعظم پاران فوري طور تي کنيل قدمن کي بهتر طريقي سان پيش نه ڪيو ويو.
ذريعن موجب وفاقي وزير مراد سعيد ۽ فيصل واوڊا به معاملو ڪابينه جي سامهون اٿاريو ۽ اجلاس جي دوران ايڪسپورٽر جو مال روڪڻ جي معاملي تي به بحث ٿي. وفاقي وزير فيصل واوڊا چيو ته رائيس ايڪسپورٽرز جو 2 ارب ڊالر جو مال خراب ٿي رهيو آهي. جڏهن ته ايڪسپورٽز جي لاءِ گذريل هفتي ايس آر او جاري ڪرڻ جون هدايتون ڪيون هيون پر وزيراعظم جي هدايتن جي باوجود اڃان تائين عمل ناهي ٿيو.
وزيراعظم عمران خان ايڪسپورٽرز جو مال روڪڻ جي خبرن جو نوٽيس وٺندي چيو ته گڊز ٽرانسپورٽ سميت ايڪسپورٽرز جو مال نه روڪڻ گهرجي. لاڳاپيل وزارت ۽ اعليٰ اختياريون فوري طور تي معاملي کي ڏسن.