وليج سوشل فورم طرفان ڳوٺ حڪيم سنديلو ۾ مفت ٽيوشن سينٽر ۾ ڪتابن، پينين،پينسلين ۽ چاڪليٽن جي ورهاست
October 27, 2022 at 10:10 pm
ڏوڪري(نمائندو) وليج سوشل فورم طرفان ڳوٺ حڪيم سنديلو ۾ مفت ٽيوشن سينٽر ۾ ڪتابن، پينين،پينسلين ۽ چاڪليٽن جي ورهاست، مصير احمد سنديلو، مقبول سنديلو ۽ جهانگير سنديلو ٻارن ۾ ڪتاب ۽ ٻيو سامان ورهايو، ان موقعي تي مقبول احمد سنديلو ۽ مصير احمد سنديلو چيو ته وليج سوشل فورم طرفان شروع ڪيل مفت ٽيوشن سينٽر تي معياري تعليم ڏني پئي وڃي، شاگردن جو حوصلو وڌائڻ ۽ تعليم طرف ڌيان ڇڪائڻ لاءِ ڪتاب، پينيون ۽ ٻيو سامان ڏنو ويو آهي ته جيئن شاگردن ۾ اڃان وڌيڪ اضافو ٿئي، اسان جي ڪوشش آهي ته سنڌ جو هر ٻار تعليم پرائي ۽ سٺي منزل ماڻي ملڪ ۽ صوبي جو نالو روشن ڪري.