ٽيڪس ڪليڪشن ۾ ناڪامي جو سبب ارڙهين ترميم کي قرار ڏيڻ وزيراعظم جي اڻ ڄاڻائي جو ثبوت آهي:مرتضيٰ وهاب

May 7, 2019 at 9:26 pm

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) اطلاعات ، قانون ۽ اينٽي ڪرپشن کاتن بابت وزيراعليٰ سنڌ جي صلاحڪار بئريسٽر مرتضيٰ وهاب وزيراعظم جي ٽيڪس ڪليڪشن بابت ڏنل بيان تي پنهنجي رد عمل جو اظهار ڪندي چيو آهي ته وزيراعظم روينيو ٽارگيٽ پورو نه ڪرڻ تي پنهنجي ناڪامي جو اعتراف ڪرڻ بجائي ان جو سبب ارڙهين ترميم ٻڌائي رهيو آهي جيڪا هن جي اڻ ڄاڻائي ظاهر ڪري ٿي سنڌ روينيو بورڊ هلندڙ مالي سال ۾ 127 بلين رويپن جي ريڪارڊ اوڳاڙي ڪئي آهي ۽ ٽارگيٽ مان 6 سيڪڙو کان وڌيڪ ريڪوري ڪئي وئي آهي جڏهن ته وفاق ۽ پنجاب حڪومت ٽيڪس جي اوڳاڙي ۾ ناڪام ثابت ٿيا آهن پر اسان جو وزيراعظم پنهنجي ناڪامي جو اعتراف ڪرڻ بجائي روينيو هدف ۾ گهٽتائي جو الزام 18 هين ترميم کي ڏئي رهيو آهي وفاقي حڪومت ٽيڪس اوڳاڙي ۾ پنهنجي نا اهلي جو ثبوت ڏنو آهي. هن چيو ته ارڙهين ترميم کي جواز ڄاڻائڻ غير منطقي ۽ ناقابل فهم آهي هن مطالبو ڪيو ته شين تي سيلز ٽيڪس اوڳاڙي جو اختيار سنڌ کي ڏنو وڃي. مرتضيٰ وهاب چيو ته حڪومت تسليم ڪري ته هنن وٽ پاڪستان جي عوام جي مشڪلن جو ڪو حل موجود ناهي پنجاب ۽ وفاق 0 % فيصد ٽيڪس جي مد ۾ اضافو ڪيو اسان هن چيو ته ايف بي آر چيئرمين کي تبديل ڪرڻ سان ڪجهه ڪون ٿيندو پر انهن کي پنهنجي يو ٽرن پاليسي کي تبديل ڪرڻو پوندو هن چيو ته حڪومت جي نا اهلي ڪارڻ عوام سخت پريشاني جو شڪار آهي هن مقدص مهيني ۾ به عوام کي ڪو رليف حاصل ناهي ٿي سگهيو. اطلاعات کاتي واري صلاحڪار واضح ڪيو ته پيپلزپارٽي اررهين ترميم کي رول بيڪ ڪرڻ واري هر سازش جي سخت مخالفت ڪندي.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو