پاڪستان جا هٿ ٻڌي ڀارت کي کليو نه ٿو ڇڏي سگهجي: ميجر جنرل آصف غفور

March 26, 2019 at 2:56 am

راولپنڊي(م ڊ)پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل آصف غفور جو چوڻ آهي ته پاڪستان جا هٿ ٻڌي ڀارت کي کليل نه ٿو ڇڏي سگهجي، ٻنهي کي هڪ جيترو ڏسڻ گهرجي.روسي خابرو اداري کي انٽرويو دوران ميجر جنرل آصف غفور جو چوڻ هو ته ڀارتي جهازن 26 فيبروري تي پاڪستان جي حدن جي ڀڃڪڙي ڪندي پي لوڊ اڇلايا جنهن کانپوءِ 27 فيبروري تي پاڪستان عام آبادي کي نشانو بڻائڻ بنا ڪارروائي جو فيصلو ڪيو.پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته اسان پنهنجي هوائي حدن ۾ رهندي والاريل ڪشمير ۾ 4 هدفن کي نشانو بڻايو ۽ اهڙي جاءِ جي چونڊ ڪئي جتي انفراسٽرڪچر ۽ آبادي نه هئي.هن چيو ته ڀارتين کي ٻڌائڻ چاهيون پيا ته سندن فوجي هدفن کي نشانو بڻائڻ جي صلاحيت رکون ٿا جڏهن ته پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ ۾ ٽئين ڌر جي ٽياڪڙي کي ڀليڪار ڪريون ٿا.پاڪ فوج جي ترجمان ڀارت خلاف جوابي ڪارروائي ۾ ايف 16 جهازن جي استعمال جي ترديد ڪندي چيو ته ڀارتي جهاز ڪيرائي جي ڪارروائي ۾ جي ايف 17 ٿنڊر استعمال ڪيو ويو هو، اسان جا سمورا جهاز هوا ۾ هئا جنهن جي وڊيو به موجود آهي

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو