پاڪستان جا 7 رانديگر ايندڙ مهيني ٿيندڙ بنگلاديش پريميئر ليگ ۾ ايڪشن ۾ نظر ايندا
November 19, 2019 at 5:37 pmلاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان جا 7 رانديگر ايندڙ مهيني ٿيندڙ بنگلاديش پريميئر ليگ ۾ ايڪشن ۾ نظر ايندا. ڍاڪا جي ٽيم ۾ 3 پاڪستاني رانديگر شامل آهن. بنگلاديش پريمير ليگ 11 ڊسمبر کان 16 جن
وري تائين جاري رهندي، ليگ ۾ پاڪستان جا 7 رانديگر به ايڪشن ۾ هوندا. رانديگرن جي چونڊ جي لاءِ ڊرافٽ آچر تي منعقد ٿيندو. اڳوڻو ڪپتان شاهد آفريدي، فاسٽ بالر وهاب رياض ۽ آصف علي ڍاڪا پلاٽون جي نمائندگي ڪندا. فاسٽ بالر محمد عامر کهلنه ٽائيگر جي ٽيم ۾ شامل آهن. آل رائونڊر محمد نواز ۽ فاسٽ بالر محمد عرفان کي راجشاهي رائلز جي ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو آهي. جڏهن ته آل رائونڊ عماد وسيم چٽاگانگ چيلنجرز جي ٽيم ۾ شامل آهن. ڊرافٽ جي شروعات کان اڳ پاڪستان جي آل رائونڊر شعيب ملڪ جو نالو لسٽ مان ڪڍيو ويو هو جنهن جو ڪوبه سبب ناهي ٻڌايو ويو.