پاڪستان جو ڀارت کي سرپرائز، ٻه جنگي جهاز تباهه، 2 پائليٽ گرفتار
February 27, 2019 at 7:24 pmاسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان ڀارت کي سرپرائيز ڇڏيو، 2 ڀارتي جهاز ڪيرائي تباهه ڪري ڇڏيا، 2 ڀارتي پائليٽس کي به گرفتار ڪيو ويو. ڊي جي آءِ ايس پي آر ۽ پاڪستاني پرڏيهي کاتي ڀارت خلاف جوابي ڪارروائي جي تصديق ڪري ڇڏي. ڊي جي آءِ ايس پي آر ٽوئيٽ ذريعي تصديق ڪئي ته پاڪستان جي جنگي جهازن پاڪستاني هوائي حدن ۾ ٻن ڀارتي جنگي جهازن کي نشانو بڻايو ۽ ٻئي تباهه ٿي ويا، هڪ ڀارتي جهاز آزاد ڪشمير ۾ ڪري تباهه ٿيو ۽ ٻيو جهاز والاريل ڪشمير ۾ وڃي ڪريو، ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور تصديق ڪئي آهي ته هڪ پائليٽ کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ٻئي پائليٽ کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ بعد سي ايم ايڇ منتقل ڪيو ويو آهي. والاريل ڪشمير جي بڊگام ضلعي ۾ ڪري تباهه ٿي ويل ڀارتي جهاز ۾ سوار ٻئي پائليٽ به مارجي ويا، پاڪستان جي پرڏيهي کاتي به ڀارت کي منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ جي تصديق ڪئي آهي، واضح رهي ته گذريل ڏينهن ڀارتي جهاز به مظفر آباد وٽان پاڪستاني حدن ۾ داخل ٿيا ۽ بارودي هٿيار ڪيرائي فرار ٿي ويا هئا، جنهن بعد پاڪستان ڀرپور جواب ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو، جنهن تي عملدرآمد ڪندي ڀارت کي سرپرائيز ڏنو ويو آهي. ٻئي پاسي ڀارتي پائيلٽ اڀي نند جي چانهه پيئندي ڳالهه ٻول واري وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي. وڊيو ۾ ڀارتي پائليٽ چيو ته هجوم جي تشدد کان بچائڻ تي ڪپتان سوڌو سڀني جو ٿورائتو آهيان. ڀارتي پائليٽ پاڪ فوج جي ساراهه ڪندي چيو ته پاڪستاني فوج جو مون سان سٺو رويو رکيو آهي ۽ هتي منهنجو خيال ڪيو پيو وڃي. ڀارتي فوج کي به پاڪستاني فوج جهڙو رويو رکڻ گهرجي. آئون ڀارت جي ڏکڻ طرف جو رهواسي آهيان ۽ انڊين ائيرفورس جو ونگ ڪمانڊر آهيان. جاري ٿيل وڊيو بيان ۾ ڀارتي پائليٽ پاڪستاني چانهه جي به ساراهه ڪئي.