پاڪستان دنيا ۾ اڪيلو آهي ته ان جو ذميوار نواز شريف آهي: مولا بخش چانڊيو

May 15, 2018 at 8:53 pm

ڪراچي (اسٽاف رپورتر) پ پ اڳواڻ مولا بخش چانڊيي چيو آهي ته نواز شريف وزيراعظم بڻجي ملڪي معاملا نه پر ذاتي ڪاروبار هلائيندو رهيو، پاڪستان دنيا ۾ اڪيلو آهي ته ان جو ذميوار نواز شريف آهي. اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي بيان تي ردعمل ڏيندي مولا بخش چانڊيي چيو ته ميان صاحب اڄ پاڻ ئي ڏوهه جو اعتراف ڪري ڇڏيو، نواز شريف پنهنجي ئي پارٽي جي حڪومت کي به چارج شيٽ ڪيو، هو روز قوم سان ڀوڳ ڪري رهيو آهي. سندس چوڻ هو ته حڪومت شريف خاندان طرفان ڦريل ناڻو بچائڻ ۾ مصروف آهي، ليگي حوڪمت جو اندروني معاملن تي ڌيان آهي، نه وري پرڏيهي معاملن تي. مولا بخش چانڊيي چيو ته ميان صاحب ڪنهن کي دانهون ڏئي رهيو آهي، ملڪ کي اڪيلو هن پاڻ ڪيو آهي، جاتي امرا جي گرد گهمندڙ پاليسين وفاق کي به ڪمزور ڪيو.

برکا جو فيس بوڪ صفحو