پاڪستان سپر ليگ سيزن ٿري ٽرافي جي نقاب ڪشائي دبئي ۾ ڪئي وئي

February 21, 2018 at 5:16 pm

دبئي ( اسپورٽس نيوز) پاڪستان سپر ليگ سيزن ٿري ٽرافي جي نقاب ڪشائي دبئي ۾ ڪئيوئي. دبئي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ پي ايس ايل ٽرافي جي نقاب ڪشائي لاءِ تقريب منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ فرنچائز مالڪن، مينيجمينٽ، پاڪستان ڪرڪيت بورڊ جي اختيارين ۽ رانديگرن شرڪت ڪئي. پي ايس ايل ٿري جي ٽرافي کي هيليڪاپٽر وسيلي آندو ويو جنهن کانپوءِ ان کي دفاعي چيمپيئن پشاور زلمي جي ڪپتان ڊيرن سيمي حوالي ڪئي وئي. تقريب کي خطاب ڪندي پي سي بي چيئرمين نجم سيٺي ايونٽ ۾ شامل سمورين ٽيمن جي ڪپتانن جو تعارف ڪرائيندي چيو ته اهو پاڪستانين لاءِ تمام وڏو لمحو آهي ۽ ان ايونٽ سان ماڻهو تمام گهڻو متاثر ٿيندا. نجم سيٺي چيو ته ڊيرن سيمي پاڪستانين جي دل ۾ رهندو آحي اهو پاڪستان جو اسٽار آهي، شعيب ملڪ زبردست بيٽسمين ۽ قائد آهي. لاهور قلندرز جي ڪپتان برينڊن ميڪلم جو تعارف ڪرائيندي نجم سيٺي چيو ته ميڪلم بهترين ڪرڪيٽر ۽ سٺو ڪپتان آهي ۽ هو نيوزيلينڊ کي پاڪستان آڻڻ لاءِ قائل ڪندو.  پي سي بي چيئرمين چيو ته سرفراز احمد بهترين ڪپتاني سان چيمپيئنز ٽرافي پاڪستان کي کٽرائي ۽ هو پوري ملڪ لاءِ خوشيون کڻي آيو جڏهن ته عماد وسيم ڪراچي ڪنگز جو نوجوان ۽ باصلاحيت ڪپتان آهي ۽ هو مستقبل ۾ پاڪستان ٽيم جي ڪپتاني ڪرڻ جو به اهل ٿي سگهي ٿو

برکا جو فيس بوڪ صفحو