پاڪستان ۽ ڀارت تڪرار پرامن نموني حل ڪن: بلاول ڀٽو زرداري
March 2, 2019 at 7:33 amلاهور ( م ڊ ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته الله نه ڪري پاڪستان ۽ ڀارت ۾ جنگ لڳي، جنگ جي اصل قيمت ٻنهي ملڪن جي عوام کي ادا ڪرڻي پوندي. هڪ ڀارتي ٽي وي چئنل کي انٽرويو ڏيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ٻنهي ملڪن ۾ ڇڪتاڻ گهٽ ٿيڻ موجوده بحران جو اصل جواب آهي. هن چيو ته اسان کي تڪرار پرامن نموني نبيرڻ طرف وڌڻو پوندو، اسان کي پنهنجي ايندڙ نسلن جو سوچڻو پوندو، اميد آهي ته مودي پنهنجي چونڊ مهم کي امن جي رستي ۾ رنڊڪ نه بڻائيندو. سندس چوڻ هو ته اميد آهي ته چونڊن کانپوءِ پاڪستان ۽ ڀارت گڏجي ڪشمير مسئلو حل ڪري وٺندا، بيگناهه ۽ معصوم ڪشميري پهريون ئي ڀوڳي چڪا آهن، ڪشميرين تي ظلم هاڻي ختم ٿيڻ گهرجي، پاڪستان ڀارتي ظلمن خلاف ڪشميرين سان گڏ آهي.