پاڪستان 2030 ۾ صرف نيوڪليئر توانائي مان 8800 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪندو:زبير محمود حيات

November 14, 2018 at 6:08 pm

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جوائنٽ چيف آف اسٽاف ڪميٽي جي چيئرمين جنرل زبير محمود حيات انڪشاف ڪيو ته مڪران جي سامونڊي ڪناري تي گئس جا وڏا ذخيرا هٿ آيا آهن ڪوٺايل فيوچرز ڪانفرنس جنرل زبير حيات محمود چيو ته هڪ يورپي سروي موجب پاڪستاني دنيا جي سڀ کان عقلمند ماڻهن ۾ چوٿين نمبر تي آهن ملڪ ۾ معدنيات جي اربين ڊالرز جا ذخيرا موجود آهن تقرير کان پوءِ سوالن جي جواب ۾ هن چيو ته افغانستان ۾ ايندڙ مستقبل بدران گذريل ماضي ۾ امن جا خواهشمند رهيا آهن پر صرف پاڪستان افغانستان ۾ امن نٿو آڻي سگهي جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جي چيئرمين ٻڌايو ته مڪران جي سامونڊي ڪناري تي تازو ئي اوشي او نوگرافي سروي ۾ وڏا گئس جا ذخيرا لڌا ويا آهن هن چيو ته پاڪستان 2030 ۾ صرف نيوڪليئر توانائي مان 8800 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪندو هن چيو ته نوجوانن جو وڏو انگ ملڪ جي ترقي جو ضامن آهي ۽ وڏي انگ ۾ فيس بوڪ واٽس ايپ ۽ ٽيوٽر جي استعمال جي بنياد تي ملڪ اي ڪامرس ۾ تيزي سان ترقي ڪري سگهي ٿو هن چيو ته شيل آئل جي ذخيرن جي اعتبار کان پاڪستان دنيا ۾ نائين نمبر تي آهي جڏهن ته ملڪ ۾ معاديات جي اربين رپين جا ذخيرا موجود آهن.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو