پاڪستان 23 مارچ کي ڀرپور نموني سان ملهائيندو: ڊي جي آءِ ايس پي آر

March 14, 2019 at 6:06 am

اسلام آباد (بيورو) ڊي جي آءِ ايس پي آر جنرل آصف غفور چيو آهي ته پاڪستان 23 مارچ ڀرپور نموني سان ملهائيندو پاڪستان ڊي جي تقريب ۾ پرڏيهي معزز مهمان شرڪت ڪندا اربع تي آءِ ايس پي آر پاران يوم پاڪستان جي مناسبت سان 9 پرومو جاري ڪري ڇڏيو ڊي جي آءِ ايس پي آر مطابق پاڪستان ڊي جي پريڊ جو سلوگن پاڪستان زنده باد هوندو ان ٻڌايو ته آذربائيجان ۽ سعودي عرب جا فوجي جٿا پريڊ ۾ شرڪت ڪندا ميجر جنرل آصف غفور چيو ته ترڪي جا ايف 16 ۽ چين جا جي 10 جهاز فضائي ڪرتب ڏيکاريندا هن چيو ته ملائيشيا جو وزيراعظم مهاتير بن محمد پريڊ جو خاص مهمان هوندو هن چيو ته آزربائيجان جو بچاءُ وارو وزير ڪرنل جنرل ذاڪر حسن اوف تقريب ۾ شريڪ ٿيندو ميجر جنرل آصف غفوير موجب بحرين فوج جو ڪمانڊر جنرل شيرمحمد بن عيسيٰ الخليفا به تقريب ۾ شريڪ ٿيندو ڊي جي آءِ ايس پي آر موجب سلطنت آف اومان جا به سرڪاري عهديدار هن ڏينهن تي پريڊ ۾ شرڪت ڪندا.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو