پاڻيءَ جو مسئلو حل ڪيو وڃي

January 29, 2018 at 5:08 pm

سپريم ڪورٽ  صاف پاڻي جي فراهمي جي درخواستن جي ٻڌڻي دوران  نظرثاني جون سموريون درخواستون رد ڪري ڇڏيون. سپريم ڪورٽ ملٽي نيشنل ڪمپني جو پاڻي ٽيسٽ لاءِ موڪليندي پڇاڻو ڪيو ته ٻڌايو وڃي ته پاڻيءَ واري بوتل تي لکيل جزا درست آهن يا نه، عدالت 1900 آر او پلانٽس جي ٺيڪن جي به رپورٽ طلب ڪري ورتي، صحت کاتي کير وڌائڻ لاءِ جانورن کي لڳندڙ ٽڪن بابت رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي آهي. سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ چيف جسٽس ثاقب نثار، جسٽس گلزار احمد ۽ جسٽس فيصل عرب تي ٻڌل ٽي رڪني بئنچ  واٽر ڪميشن متعلق ٻڌڻي ڪئي. رجسٽرار ڪميشن عدالت ۾ پنهنجي رپورٽ پيش ڪندي ٻڌايو ته پي ٽي ون، ٽو ۽ ٻين منصوبن جو دورو ڪيو آهي. صحت کاتي کير وڌائڻ لاءِ جانورن کي لڳندڙ ٽڪن جي رپورٽ پيش ڪري ڇڏي. صحت کاتي پنهنجي رپورٽ ۾ ٻڌايو ته کاتي جانورن کي لڳندڙ انجيڪشنز جو اسٽاڪ ضبط ڪري ڇڏيو آهي. رپورٽ موجب ميڊيڪل اسٽورز، گودامن ۽ دڪانن ۾ هاڻي انجيڪشن موجود ناهي. صحت کاتي پنهنجي رپورٽ ۾ ٻڌايو ته ڪراچيءَ سميت سنڌ جي 29 ضلعن مان انجيڪشنز ضبط ڪيون ويون آهن. چيف جسٽس ملٽي نيشنل ڪمپني جو پاڻي ٽيسٽ جي لاءِ ليبارٽريءَ ڏانهن موڪلڻ جو حڪم ڏيندي پڇاڻو ڪيو ته جيڪي شيون بوتل تي لکيل آهن چيڪ ڪيون وڃن ته نقصانڪار آهن يا صحتمند آهن. ٻڌڻي دوران ميئر سکر نعمان اسلام شيخ ٻڌايو ته سکر ۾ سنڌ سمال انڊسٽريز جي ٽريٽمينٽ پلانٽ جي جڳهه تي غير قانوني تعمير ٿي رهي آهي. چيف جسٽس ثاقب نثار چيف سيڪريٽري کي معاملي جي جاچ ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. چيف جسٽس سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ٽريٽمينٽ پلانٽس جا سمورا ٺيڪا هڪ ئي شخص کي ملي رهيا آهن مون ٻڌو آهي ته اها ڪا وڏي شخصيت آهي، عدالت 1900 آر او پلانٽس جي ٺيڪن جي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي

.جڏهن ته  صحت واري سيڪريٽري فضل الله پيچوهو پنهنجي رپورٽ پيش ڪئي. چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته ٻڌايو وڃي ته ڪراچي ۾ سرڪاري اسپتالن جي صورتحال ڪهڙي آهي؟ صحت کاتي جي سيڪريٽري عدالت کي ٻڌايو ته 32 سرڪاري اسپتالن جي رپورٽ پيش ڪئي وئي آهي. چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته هن وقت تائين ميڊيڪل سپرينٽنڊنٽس رپورٽ ڇو جمع نه ڪرائي آهي، ميڊيڪل سپرنٽنڊنٽس کي هڪ هفتي جو وقت ڏئي رهيا آهن، رپورٽ جمع ڪرائي وڃي. عدالت سرڪاري اسپتالن جي ميڊيڪل سپرنٽنڊٽس کي هدايت ڪندي چيو ته رپورٽ جمع نه ٿي ته پوءِ نه چيو وڃي ته اسان خلاف ڪارروائي ڇو ٿي رهي آهي؟، عدالت صحت کاتي جي سيڪريٽري کي ايندڙ ٻڌڻي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

برکا جو فيس بوڪ صفحو