پاڻي جي کوٽ جو سبب ارسا جو صوبن جي جائز حصي ۾ خلل وجهڻ آهي:بلاول ڀٽو زرداري

May 10, 2022 at 11:07 pm

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ پاڻي کوٽ جو مسئلو اٿاري ڇڏيو. وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا اجلاس ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڻي کوٽ سبب عوام، خاص طور تي آبادگار ڏک يائين جو شڪار آهن، پاڻي جي کوٽ جو سبب ارسا جو صوبن جي جائز حصي ۾

خلل وجهڻ آهي. هن چيو ته گذريل حڪومت جي بدانتظامي سبب خاص طور هيٺين علائقن ۾ فصلن کي نقصان پهتو. سندس چوڻ هو ته سنڌ حڪومت جي گئس پاور جنريشن پلانٽ لڳائڻ جي تجويز کي ماضي جي حڪومتن رد ڪيو. بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته ملڪ ۾ هڪ فوڊ سيڪيورٽي ٽاسڪ فورس ٺاهيو ته جيئن امڪاني غذائي بحران کي منهن ڏئي سگهجي.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو