پشاور زلمي پي ايس ايل کان اڳ ڪرڪيٽ جي شوقينن جا دل کٽي ورتا

February 17, 2020 at 6:10 pm

ڪراچي(اسپورٽس نيوز) پشاور زلمي جي ٽيم چانهه جي هوٽل تي ڪرڪيٽ جي شوقينن سان ڳالهيون ڪري  سندن دل کٽي ورتا.پاڪستان سپر ليگ جي پنجين ايڊيشن کان اڳ جتي ٽيمون ڪراچي ۾ تيارين ۾ مصروف آهن اتي ئي ڪراچي ۾ مداحن کي به  پنهنجي قومي هيروز سان ملڻ جو موقعو ملي رهيو آهي.پشاور زلمي جي هيڊ ڪوچ محمد اڪرم ۽ فاسٽ بالر حسن علي اوچتو نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي جي پريڪٽس ايريا جي ويجهو قائم چانهه جي هوٽل تي پهتو ۽ اتي ويٺل مداحن سان دلچسپ ڳالهيون ڪيون ۽ ان جي خواهشن تي ماني به کاڌي. ��

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو