پنجاب ۾ وڌيڪ 59 ۽ سنڌ ۾ 41 ڪيس رپورٽ: ملڪ اندر ڪورونا جا مجموعي ڪيسن جو انگ 777 ٿي ويو

March 22, 2020 at 4:42 pm

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ ۾ وڌيڪ 41 ۽ پنجاب ۾ وڌيڪ 59 ڪيس سامهون اچڻ بعد ملڪ اندر ڪورونا وائرس جي ڪيسن جو انگ وڌي 777 ٿي ويو. ڪراچي ۾ وڌيڪ 18 ۽ سکر ۾ 23 ڪيسز سامهون اچڻ کانپوءِ سنڌ ۾ ڪيسن جو انگ 333 ٿي ويو آهي، جڏهن ته پنجاب ۾ به ڪورونا جي مريضن ۾ تيزي سان واڌ ڏسڻ ۾ آئي آهي، تازو 59 ڪيس رپورٽ ٿيڻ بعد ملڪ جي سڀ کان وڏي صوبي اندر ڪيسن جو انگ 222 ٿي ويو آهي، پوري ملڪ ۾ مريضن جو انگ وڌي 777 ٿي چڪو آهي، بلوچستان ۾ 108، ڪي پي ۾ 31، گلگت ۾ 71، اسلام آباد ۾ 11 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 1 ڪيس رپورٽ ٿيل آهي، جڏهن ته پوري ملڪ ۾ 3 ڄڻا فوت ٿي چُڪا آهن.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو