پوسٽن جي چيڪ لسٽ تيار ڪئي وڃي ته جيئن اسڪيمن جي منظوري سان گڏ ايس اين ايز به قائم ڪري سگهجن:وزيراعليٰ سنڌ

October 27, 2022 at 10:13 pm

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سمورن کاتن خاص طور تي تعليم ۽ صحت کي هدايت ڪئي آهي ته هو پنهنجين اسڪيمن جي پڄاڻي سان گڏ نين پوسٽن لاءِ نوان خرچ به منظور ڪن ته جيئن اهي (اسڪيمون) عوام جي مفاد خاطر فعال ٿي سگهن. هن اها ڳالهه خميس ڏينهن وزيراعليٰ هائوس ۾ صحت، تعليم، پي اينڊ ڊي ۽ ناڻي کاتن جي گڏيل اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. اجلاس ۾ صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو، وزير تعليم سيد سردار شاهه، پارلياماني سيڪريٽري صحت قاسم سومرو، چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت، چيئرمين پي اينڊ ڊي حسن نقوي، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري فياض جتوئي، ناڻي وارو سيڪريٽري ساجد جمال ابڙو ۽ لاڳاپيل سيڪريٽرين شرڪت ڪئي. سنڌ جي وڏي وزير مختلف کاتن سان پنهنجي گذريل اجلاس ۾ ٻڌايو هو ته اسڪيمون مڪمل ٿي رهيون آهن پر غير ترقياتي خرچن جي سمري (SNE’s) منظوري لاءِ التوا هيٺ آهن جنهن جي نتيجي ۾ اسڪيمون مڪمل ٿيڻ باوجود ڪم نه ٿيون ڪن تنهنڪري هن ايس اين ايز جي منظوري جي عمل کي آسان بڻائڻ لاءِ لاڳاپيل کاتن جو گڏيل اجلاس سڏرايو آهي. پي اينڊ ڊي کاتي وڏي وزير کي ٻڌايو ته عملي طور تي لاڳاپيل کاتن پاران ايس اين ايز تي عمل ڪيو ويندو آهي جڏهن سندن اسڪيمون مڪمل ٿينديون آهن. ايس اين ايز تحت نيون پوسٽون جوڙڻ تي ڳالهه ٿي جنهن ۾ وقت لڳو ۽ وڏي وزير کي ان بابت ڄاڻ ڏني وئي، جنهن تي وڏي وزير چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت کي هدايت ڪئي ته ايس اين ايز جي منظوري جو عمل آسان بڻايو وڃي. هن چيف سيڪريٽري کي صلاح ڏني ته پوسٽن جي چيڪ لسٽ تيار ڪئي وڃي ته جيئن اسڪيمن جي منظوري سان گڏ ايس اين ايز به قائم ڪري سگهجن. ان تي چيف سيڪريٽري چيو ته هو ناڻي ۽ پي اينڊ ڊي کاتن جو گڏيل اجلاس سڏائي پوسٽن جي منظوري ۽ کين وقت سِر رليز لاءِ هڪ سادو نظام جوڙيو ويندو. مراد علي شاهه تعليم ۽ صحت کاتي کي پڻ هدايت ڪئي ته هو سند خالي جاين کي اصولن موجب ترتيب ڏين ۽ نئين مڪمل ٿيل اسڪيمن تي واڌو يا سرپلس اسٽاف کي اماڻجي يا ٽرانسفر ڪيو وڃي ته جيئن کين فعال بڻائي سگهجي

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو