پوليس کاتي پاران ٻين صوبن جو شناختي ڪارڊ رکندڙ اميدوارن کي حيدرآباد ۾ ڀرتي ڪرڻ جو انڪشاف

March 10, 2019 at 8:03 pm

حيدرآباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پوليس کاتي پاران ٻين صوبن جو شناختي ڪارڊ رکندڙ اميدوارن کي حيدرآباد ۾ ڀرتي ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. ذريعن موجب پوليس کاتي ۾ جيتوڻيڪ اهو قانون موجود آهي ته اهلڪارن جون  ڀرتيون ضلعي سطح تي ڪيون وينديون ۽ ڪنهن به غير ضلعي جي اميدوار کي هڪ کان ٻي ضلعي ۾ ڀرتي نه ڪيو ويندو پر ان جي باوجود حيدرآباد ۾ ٻين صوبن سان تعلق رکندڙ 5 پوليس اهلڪارن کي هن ضلعي ۾ ڀرتي ڪيو ويو. اهڙن پوليس اهلڪارن ۾ چڪوال واسي ياسر حسين ولد حسين اعواڻ ، فيصل آباد واسي امتياز نواز ولد الهه ڏتو، جهل مگسي سان تعلق رکندڙ ظفر الله ولد گلشن حسين لاشاري، بهاول نگر سان تعلق رکندڙ نديم احمد ولد غلام مصطفيٰ ۽ مظفر ڳڙهه سان تعلق رکندڙ محمد عامر شامل آهن. ذريعن موجب ڀرتي ٿيل انهن اهلڪارن جو شناختي ڪارڊ ڄاڻايل صوبن مان جاري ٿيل آهي جڏهن ته انهن پنهنجا ڊوميسائيل ۽ پي آر سي حيدرآباد ضلعي مان ٺهرائي ورتا هئا. انهن پوليس اهلڪارن کي 2016ع ۾ ڀرتي ڪيو ويو هو ۽ ان وقت ثناءُ الله عباسي ڊي آءِ جي حيدرآباد جڏهن ته اي ڊي خواجا آءِ جي سنڌ پوليس هو. پوليس کاتي حيدرآباد ريجن ۾ 700 اهلڪارن جي ڀرتي لاءِ 15 آگسٽ 2013ع تي مختلف اخبارن ۾ اشتهار جاري ڪيا ويا هئا،جنهن بعد 585 پوليس اهلڪار ڀرتي ڪيا هئا. ڀرتين کانپوءِ انهن پوليس اهلڪارن کي ٽريننگ سينٽرن تي موڪلي سندن تربيت به ڪئي وئي هئي. تربيت کانپوءِ پوليس اهلڪارن کي مختلف ٿاڻن تي ڊيوٽي لاءِ مقرر ڪيو ويو هو. ان دوران ابتدائي طور 155 پوليس اهلڪارن کي برطرف ڪيو ويو. برطرف ٿيل پوليس اهلڪارن تي اهو الزام لڳايو ويو هو ته هو وڏي عمر جا آهن ۽ ٻين ضلعن سان تعلق رکن ٿا جنهن کانپوءِ انهن پوليس اهلڪارن سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ حيدرآباد ۾ پنهنجي برطرفين خلاف پٽيشن داخل ڪئي. لاڳاپيل عدالت سندن پٽيشن کي سروس ٽربيونل ڪراچي ڏانهن منتقل ڪري ڇڏيو هو

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو