پيپلز پارٽي کي ختم ڪندڙ اڳڪٿيون غلط ثابت ٿي رهيون آهن:بيرسٽر مرتضيٰ وهاب

January 7, 2019 at 8:37 pm

ڪراچي (اسٽاف رپورتر): اطلاعات، قانون ۽ اينٽي ڪرپشن بيرسٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته اي سي ايل مان بلاول ڀٽو زرداري جو نالو ڪڍڻ واري سپريم ڪورٽ جي فيصلي مان ثابت ٿيو ته پيپلز پارٽي جي قيادت کان سياسي انتقام ورتو پيو وڃي ۽ جي آئي ٽي جي رپورٽ حڪومتي بدنيتي ظاهر ڪري رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سنڌ اسيمبلي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. بيرسٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته اسان خلاف سياسي بنيادن تي ڪيس بڻايا ويا آهن ڇوته جيڪي ماڻهو عوام جو وقت وڃائي رهيا آهن انهن جي گهرن ۾ اڄ روڄ راڙو هوندو. اسين ور ور چيو ته اسان جا نالا بي بنياد وڌا ويا ۽ اهو انتقامي ڪاروائي جو حصو آهي. اڄ پيپلز پارٽي کي ختم ڪندڙ اڳڪٿيون غلط ثابت ٿي رهيون آهن. هن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف نه بلڪه اها تحريڪ انتقام آهي. وفاقي حڪومت کي پنهنجين پاليسين تي غور ويچار ڪرڻ گهرجي ڇوته تحريڪ انتقام ڪارڻ ملڪ ۾ ڪاروبار سخت متاثر آهي جڏهن ته اڄ سپريم ڪورٽ پاران فيصلو ايندي ئي اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ تيزي ڏسڻ ۾ آئي ۽ اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ 600 پوانئٽن جي واڌ ٿي آهي. بيرسٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته پيپلز پارٽي هميشه عدالتن جو احترام ڪيو آهي اسان کي جڏهن عدالتون سڏ ڪنديون اسان حاضر ٿينداسين اڄ گرفتارين بابت اڳڪٿيون ڪندڙ ڪيڏانهن ويا آهن؟ هاڻي وڳوڙ وجهندڙ ويرين جا هٿڪنڊا نه هلندا. پي ٽي آئي وارن دوستن کي اپيل آهي ته هو ڳالهيون نه ڪن بلڪه ڪم ڪن اسان انهن جو ساٿ ڏينداسين. اطلاعات واري صوبائي وزير هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته سپريم ڪورٽ جي اڄ واري فيصلي سان جي آئي ٽي جي ساک متاثر ٿي آهي ۽ جي آئي ٽي جي سياسي ۽ جانبدار هجڻ تي مهر لڳي وئي آهي ۽ ثابت ٿيو ته جي آئي ٽي حقيقتن تي نه پر سياسي دٻاءُ تي رپورٽ مرتب ڪئي هاڻي سنڌ جي وڏي وزير کان استعيفيٰ جي گهر ڪندڙ پاڻمرادو استعيفيٰ ڏين.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو