پي ايس ايل ٽرافيءَ جو نماءُ ٿي ويو، ڪپتانن جا حوصلا بلند

February 21, 2018 at 5:22 pm

دبئي (اسپورٽس نيوز) پاڪستان سپر ليگ جي ٽئين ايڊيشن جي ٽرافي جو افتتاح دبئي ۾ ڪيو ويو، تقريب ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين نجم سيٺي ۽ سڀني ٽيمن جي ڪپتانن شرڪت ڪئي. دبئي ۾ ٿيل تقريب ۾ سوروسڪي طرفان ٺاهيل خوبصورت ٽرافي جو نماءُ ڪيو ويو، جنهن ۾ پي سي بي چيئرمين نجم سيٺي، ڇهن ئي فرنچائزن جي ڪپتانن، مالڪن ۽ ٽيم مئنيجمينٽ سان گڏوگڏ ميڊيا جي نمائندن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. پي ايس ايل ٿري جي ٽرافي کي هيليڪاپٽر ذريعي ڪاري رنگ جي دٻي ۾ آءِ سي سي اڪيڊمي آندو ويو، جتان چيمپيئن ٽيم پشاور زلمي جو ڪپتان ڊيرن سيمي ان کي هال ۾ کڻي آيو. بي سي بي توڙي پي ايس ايل چيئرمين نجم سيٺي هڪ ڀيرو ٻيهر ٽرافي ڊزائن ڪرڻ تي سوروسڪي جا ٿورا مڃيا، هن کانپوءِ هن ڇهن ئي ٽيمن جي ڪپتانن جو تعارف ڪرائيندي پي ايس ايل کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ انهن جا توڙي فرنچائز مالڪن جا ٿورا مڃيا. تقريب ۾ پي ايس ايل ٽرافي سان گڏوگڏ بهترين بالر، بيٽسمين، اسپرٽ آف ڪرڪيٽ، ٽورنامينٽ جي بهترين رانديگر، بهترين فيلڊر ۽ بهترين وڪيٽ ڪيپر جون ٽرافيون به رونما ڪيون ويون.

برکا جو فيس بوڪ صفحو