پي اي سي ۾ جهيڙي نه پر 20 ڪروڙ عوام جو آواز بڻجي وڃي رهيو آهيان:شيخ رشيد

February 1, 2019 at 6:57 pm

راولپنڊي ( م ڊ ) ريلوي واري وزير شيخ رشيد چيو آهي ته پي اي سي ۾ جهيڙي نه پر 20 ڪروڙ عوام جو آواز بڻجي وڃي رهيو آهيان. راولپنڊي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته هڪ شيخ رشيد جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي هوندي ۽ ٻي شهباز شريف جي، مان شهباز شريف خلاف سپريم ڪورٽ وڃي رهيو آهيان، چور مچائي شور واري فلم هاڻي نه هلندي. هن چيو ته رمانڊ دوران پراڊڪشن آرڊر جاري نه ٿو ٿي سگهي، ن ليگ کي ڊيل نه ملي هاڻي ڍر طرف اچي رهيا آهن. سندس چوڻ هو ته عمران خان ملڪ جي ترقي لاءِ جيتري محنت پيو ڪري تنهن کي بيان نه ٿو ڪري سگهجي مان ساڻس پاڇي وانگر گڏ بيٺو آهيان.  شيخ رشيد چيو ته ماضي جي حڪومتن ملڪ جي ناڻي کي خالي ڪري ڇڏيو آهي، عمران خان ڀرپور ڪوشش پيو ڪري ته عوام تي گهٽ کان گهٽ بار وڌو وڃي پر ملڪ بچائڻ لاءِ مجبوري ۾ غريب تي بار وڌو ويو آهي. هن چيو ته  پاڪستان ريلوي قوم جو آواز بڻجندي، ٿل ايڪسپريس کي ملتان کان ڪراچي لاءِ رابطا ٽرينون ڏنيون وينديون. سندس چوڻ هو ته 12 فيبروري تي ٽريڪر ۽ ٿل ايڪسپريس جو افتتاح ڪيو ويندو، جيڪڏهن ضرورت پئي ته هيليڪاپٽر ذريعي به ٽرينن جي نگراني ڪندس. ريلوي واري وزير چيو ته ريلوي پوليس جي پگهار پنجاب برابر ڪرائي ويندي، سمورن ريلوي ملازمن کي هڪ گريڊ ڏئي ويندس، ريلوي ۾ شڪايت سيل به قائم ڪيو ويو آهي، 23 مارچ تائين ريلوي ۾ وڏي تبديلي ايندي.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو