پ پ خلاف سازشون ڪندڙ ٽولن جو ڄمي مقابلو ڪنداسين:بلاول ڀٽو زرداري
December 30, 2018 at 9:19 pmڪراچي ( اسٽاف رپورتر ) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه بلاول ڀٽو سان ملاقات ڪئي، ملاقات دوران ٻنهي وچ ۾ جي آءِ ٽي رپورٽ ۽ اي سي ايل ۾ نالو داخل ڪرڻ وارن فيصلن تي خيالن جي وٺ ٿي. تفصيل موجب وڏي وزير پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ مراد علي شاهه سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگي تي به بريفنگ ڏني. ان کان اڳ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ حڪومت شگر ملن کي سسبڊي آئين توڙي قانون موجب ڏني، سبسڊي ڪنهن هڪ کي نه سمورن شگر ملن کي ڏني وئي. هن چيو ته سبسڊي وارو فيصلو رڳو حڪومت جو نه پوري ايوان جو هو، مون تي الزام مڙهي ميڊيا ٽرائيل ڪيو پيو وڃي، ڪروڙين ماڻهن جو چونڊيل وڏو وزير آهيان، غلط نه ڪيو نه ڪندس. مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته شگر ملن کي سسبڊي ڏيڻ وارو فيصلو عوام جي مفاد ۾ ڪيو ويو هو، سنڌ حڪومت جي نالي تي پوري پارٽي جو ميڊيا ٽرائل شروع ڪيو ويو آهي.