ٿر جي ڪوئلي مان بجلي جي پيداوار شروع،ٿر جي ڪوئلي مان بجلي پيدا ڪري ڏيکاري آهي:احسن ظفر حسين
March 19, 2019 at 8:18 pmاسلام ڪوٽ ( رپورٽر ) ٿرڪول مان بجلي جي پيداوار شروع ٿي ويئي، جنهن کان پوءِ نيشنل گرڊ اسٽيشن کي بجلي فراهمي شروع ڪئي ويئي آهي. 3 سئو 30 ماگاواٽ پاور پلانٽس کان نيشنل گرڊ اسٽيشن کي بجلي جي فراهمي چالو ڪئي ويئي، رات 10 لڳي 46 منٽن تي ٺاهيل بجلي جو پهريون ڪرنٽ نيشنل گرڊ ۾ شامل ٿيو. اينگرو ڪمپني جي احسن ظفر حسين چيو آهي ته سمورا خدشا ختم ٿي ويا، هنن ٿر جي ڪوئلي مان بجلي پيدا ڪري ڏيکاري. هن چيو تھ 6 سئو 60 ميگاواٽ جي بجلي گهر جي پهرين يونٽ جو ڪم وقت کان اڳي مڪمل ڪيو ويو آهي. سندس چوڻ هو تھ اڄ ٿر لاءِ اهم ڏينهن آهي، سڄي قوم کي مبارڪ هجي، جون مهيني تائين ٻيو يونٽ به بجلي پيداوار شروع ڪندو. اينگرو ڪمپني جي احسن ظفر حسين چيو تھ گرڊ اسيشن کي بجلي فراهمي بعد ٿرڪول اٿارٽي جي ملازمن خوشي جو اظهار ڪندي هڪٻئي کي مبارڪباد ڏني. ٿرڪول مان بجلي پيدا ٿيڻ کان پوءِ ملازمن خوشي وچان هو جمالو تي رقص ڪيو ۽ هڪ ٻئي مبارڪون پڻ ڏنيون. توانائي واري صوبائي وزير امتياز شيخ تصديق ڪندي چيو آهي ته ٿرڪول مان 330 ميگاواٽ بجلي پيداوار شروع ٿي ويئي آهي، پ پ قيادت سميت سنڌ جي عوام کي مبارڪون هجن. ٻئي پاسي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ ٿرڪول مان بجلي پيداوار شروع ٿيڻ بعد خوشي جو اظهار ڪندي مبارڪون ڏنيون آهن. بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته ٿرڪول مان بجلي پيداوار سنڌ حڪومت جي وڏي ڪاميابي آهي، ٿر پاڪستان کي بدليندو. وڏي وزير سيد مراد علي شاھ چيو آهي ته اڄ خوشي ۽ ڪاميابي جو ڏينهن آهي، اسان ٿرڪول مان بجلي پيدا ڪري ڏيکاري آهي. هن چيو تھ منصوبي جي ڪاميابي تي قوم کي مبارڪون هجن، ٿرجو ڪوئلو ملڪ جي تقدير بدلائيندو.