ٿر جي ڳالھ ڪندڙن کي خيبرپختونخواھ ۾ ٻارن جون فوتگيون ڇو نظر نٿيون اچن:مرتضيٰ وهاب

November 6, 2018 at 8:19 pm

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر):وزير اعليٰ سنڌ جي اطلاعات ۽ اينٽي ڪرپشن بابت صوبائي صلاحڪار بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته ٿر تي ڳالھ ڪندڙن کي خيبرپختونخواھ ۾ ٻارن جون فوتگيون نه ڄاڻ ڇو نه نظر نٿيون اچن. خيبرپختونخواھ ۾ هلندڙ سال ڇهن مهينن جي قليل عرصي جي دوران ٽي هزار نو سو اڻاسي معصوم ٻار فوت ٿي چڪا آهن. هن ٻڌايو ته فوت ٿيندڙن ۾ 1720 ٻار هڪ مهيني جي عمر جا جڏهن ته 2259 کير پياڪ ٻار آهن. اهي انگ اکر سنڌ حڪومت جا نه پر سپريم ڪورٽ ۾ جمع ٿيل رپورٽ جا آهن. فواد چوهدري اينڊ ڪمپني هزارين کير پياڪ ٻارن جي فوتگي تي ڪيستائين خاموش رهندو، جڏهن ته ان عرصي جي دوران 178 ڳورهاريون عورتون به فوت ٿيون. سنڌ جي اطلاعات واري صلاحڪار چيو ته سپريم ڪورٽ درخواست پاڪستان ميڊيڪل ايسوسي ايشن جمع ڪرائي ۽ انگ اکرن خيبرپختونخواھ جي استپالن مان ورتي وئي آهي. جڏهن ته ٻارن جون موتگيون خوراڪ جي ڪمي ۽ سهولتن جي اڻاٺ جي ڪري ٿيون بئريسٽ مرتضيٰ وهاب چيو ته پي ٽي آئي جا چيمپيئن تعصب جي عينڪ لاهي ڇڏين تعصب جي چشمي مان کين فقط ٿر ئي نظر ايندو آهي.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو