ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن تي ٺهندڙ فلم جو ٽريلر جاري
February 17, 2020 at 6:15 pm
لاهور(شوبز نيوز) ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن ياديو تي ٺهندڙ پاڪستاني فلم(ڊهائي چال) جو پهريون ٽريلر جاري ڪيو ويو آهي. اداڪاره عائشه عمر ۽ شمعون عباسي جي ايندڙ فلم(ڊهائي چال) جو پهريون ٽريلر 1 منٽ ۽ 16 سيڪنڊن تي ٻڌل آهي.فلم جي ٽريلر ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته اداڪار شمعون عباسي ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن جو ڪردار ادا ڪندي نظر اچي رهيو آهي. فلم جي عڪسبندي پاڪستان جي صوبي بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ ڪئي وئي آهي جنهن ۾ اداڪاره هڪ صحافي جو ڪردار ڪندي نظر اچي رهي آهي جيڪا بلوچستان خطي جي اصل تصوير پيش ڪرڻ جي لاءِ سرگرم آهي