ڀارتي قدمن تي پاڪستان پنهنجي بچاءُ ۾ مناسب جواب ڏيڻ جو حق رکي ٿو: پرڏيهي وزير

February 26, 2019 at 7:39 pm

اسلام آباد(بيورو)پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جو چوڻ آهي ته پاڪستان ڀارت جي قدمن تي پنهنجي دفاع ۾ مناسب جواب ڏيڻ جو حق رکي ٿو.اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته ڀارت جي قدمن کي لائن آف ڪڻٽرول جي ڀڃڪڙي تصور ڪريون ٿا، پاڪستان پنهنجي بچاءُ ۾ مناسب جواب ڏيڻ جو حق رکي ٿو.پرڏيهي وزير ٻڌايو ته وزيراعظم اجلاس طلب ڪري ورتو آهي جنهن ۾ پرڏيهي وزارت جو موقف پيش ڪندس.ان کان اڳ نجي چينل سان ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته مان قوم کي گمراهه نه ٿو ڪرڻ چاهيان، خطرن جا ڪڪر گهمي رهيا آهن ۽ هاڻوڪين حالتن ۾ هوشيار رهڻو پوندو.پرڏيهي وزير چيو ته جنوني طبقو سياسي مقصدن لاءِ خطي جو امن داءُ تي لڳائي رهيو  آهي جڏهن ته پاڪستان جي قوم ۽ فوج الرٽ آهي.پاڪستان جا سمورا ادارا الرٽ آهن، ڪنهن به اڳرائي تي ڀرپور جواب ڏينداسين، قوم پاڪ فوج سان گڏ بيٺل آهي

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو