ڀارتي پائليٽ کي آزاد ڪرڻ سٺو قدم آهي، پرڏيهي وزير کي او آءِ سي اجلاس ۾ شامل ٿيڻ گهرجي: آصف زرداري
March 2, 2019 at 7:31 amاسلام آباد(بيورو) اڳوڻي صدر آصف زرداري جو چوڻ آهي ته پرڏيهي وزير کي او آءِ سي اجلاس ۾ شامل ٿيڻ گهرجي ۽ پنهنجو موقف ٻڌائڻ گهرجي.پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ خيالن جو اظهار ڪندي اڳوڻي صدر آصف زرداري جو چوڻ هو ته اسان کي او آءِ سي اجلاس ۾ شامل ٿيڻ گهرجي، جيڪڏهن پارليامينٽ چاهي ٿي ته پرڏيهي وزير نه وڃي ته مان پارليامينٽ سان گڏ آهيان.هن چيو ته هاڻوڪي صورتحال ۾ پاڪستان کي پنهنجن دوستن کي وسارڻ نه گهرجي، هي جيترا به ملڪ آهن اسان جا پراڻا دوست آهن، هي اسان جي ملڪ ۾ شڪار ڪرڻ ايندا آهن، اسان جا انهن ملڪن سان مذهبي ۽ تاريخي لاڳاپا آهن، مان سمجهان ٿو ته اسان کي او آءِ سي اجلاس ۾ وڃي پنهنجو موقف ٻڌائڻ گهرجي، پرڏيهي وزير کڻي پوءِ وڃي في الحال پرڏيهي سيڪريٽري کي اماڻيو وڃي.آصف زرداري جو چوڻ هو ته اهڙين حالتن ۾ اسان سڀ جذباتي آهيون، جنگيون رڳو فوج نه پر قومون وڙهنديون آهن ۽ پاڪستاني قوم پوري طرح تيار آهي پنهنجي فوج سان گڏ جنگ وڙهڻ لاءِ.آصف زرداري پاڪستاني پائليٽ حسن کي ڀارتي جهاز کي ڪيرائڻ تي لفظن جي ڀيٽا پيش ڪئي ۽ ڀارتي پائليٽ کي آزاد ڪرڻ واري فيصلي جي آجيان ڪندي چيو ته ان سان دنيا ۾ پاڪستان جو هاڪاري تاثر ويندو.