ڀارت اسان جي پرامن پاليسي کي ڪمزوري نه سمجهي، قوم جو هر فرد پاڪ فوج سان گڏ بيٺو آهي:آصف زرداري
February 26, 2019 at 7:40 pmاسلام آباد(بيورو) اڳوڻي صدر آصف زرداري به ڀارتي جهازن جي هوائي حدن جي ڀڃڪڙي جي مذمت ڪندي چيو ته ڀارت اسان جي پرامن پاليسي کي ڪمزوري نه سمجهي، قوم جو هر فرد پاڪ فوج سان گڏ بيٺو آهي پ پ سان واسطو رکندڙ سينيٽر شيرين رحمان جو چوڻ آهي ته ڀارت جيڪو جنگ جو نغارو وڄايو آهي پاڪستان جي هٿياربند فوج ان لاءِ بلڪل تيار آهي ۽ ڀارت جي جارحيت جو ڀرپور ۽ فوري طور تي جواب ڏينداسين. شيرين رحمان چيو ته حڪومت جي ذميواري لاڳو ٿئي ته موجودا صورتحال ۾ پارليامنٽ جو فوري طور تي گڏيل اجلاس طلب ڪري، دنيا کي اهو پيغام ڏنو وڃي اسان جنگ نٿا چاهيون، جيڪڏهن اسان تي جنگ مڙهي وئي ته پاڪستان ان لاءِ بلڪل تيار آهي .. ان سلسلي ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته پاڪستان جي فوج دنيا جي بهترين فوج آهي، جيڪڏهن ڀارت اڳرائي ڪئي ته پاڪ فوج ان جو منهن ٽوڙ جواب ڏيندي. مراد علي شاهه جو وڌيڪ چوڻ هو ته پاڪستان جو عوام ملڪ جو بچاءُ ڪرڻ ڄاڻي ٿو، پاڪستان پرامن ملڪ آهي ۽ خطي ۾ امن چاهيون ٿا، اسان جي امن پسندي کي اسان جي ڪمزوري نه سمجهو وڃي.