ڀارت دوستي قبول نه ڪئي ته هٿ مڪو به بڻجي سگهي ٿو: اسد عمر

March 15, 2019 at 8:07 pm

اسلام آباد( بيورو ) ناڻي واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته ڀارت سان دوستي جو هٿ وڌائڻ چاهيون ٿا پر ڀارت دوستي قبول نه ڪئي ته هٿ مڪو به بڻجي سگهي ٿو. اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي اسد عمر چيو ته پاڪستان سمورن ملڪن سان امن چاهي ٿو، پاڪستان ثابت ڪيو آهي ته پاڪستان پنهنجو دفاع ڪرڻ ڄاڻي ٿو، وزيراعظم چيو ته ڀارت هڪ وک اڳتي وڌندو ته پاڪستان ٻه وکون اڳتي وڌندو، پاڪستان خطي ۾ امن جو خواهشمند آهي. هن چيو ته اسان افغانستان سان امن چاهيون ٿا ۽ پاڪستان افغانستان ۾ امن لاءِ ٽياڪڙي جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي،  پاڪستان کي نه رڳو دنيا سان جوڙڻ چاهيون ٿا پر ٻئي دنيا سان واپاري لاڳاپا به قائم ڪرڻ چاهيون ٿا.  سندس چوڻ هو ته چين سان لانگ ٽرم واپاري لاڳاپا قائم ڪيا آهن، ترڪي سان به ٽريڊ فريم ورڪ طئي ڪيو ويو، جڏهن ته افغانستان سان به لاڳاپا بهتر ٿي رهيا آهن پر ايران سان بدقسمتي سان واپار نه وڌيو آهي، ايران ۽ افغانستان کي علائقي ترقي جي پروگرام ۾ شامل ڪرڻ جي حق ۾ آهيون.  اسد عمر چيو ته پلواما حملي جو تعلق ڀارت جي اندروني سياست سان آهي، آءِ ايم ايف سان قرض جي رقم اڃا طئي نه ٿي آهي، آءِ ايم ايف جو مشن چيف 26 ۽ ايشيا پيسفڪ جو وفد 25 مارچ تي پاڪستان اچي رهيو آهي.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو