ڀارت سنڌ طاس معاهدي جو تڪرار حل ڪرڻ تي راضپو ظاهر ڪري ڇڏيو

January 11, 2019 at 11:08 pm

اسلام آباد(بيورو) پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ آبي مسئلن تي وڏي اڳڀرائي ٿي آهي ۽ ڀارت سنڌ طاس معاهدي جو تڪرار حل ڪرڻ تي راضپو ظاهر ڪري ڇڏيو آهي. وفاقي وزير فيصل واوڊا موجب پاڪستان جي درخوسات تي ڀارت چناب درياهه تي منصوبن جي معائني جي درخواست قبولي ورتي. فيصل واوڊا ٻڌايو ته وفاقي وزير طور پنهنجي ٽي رڪني ٽيم کي معائني جي لاءِ ڀارت روانگي جي هدايت ڪري ڇڏي آهي ۽ خاص ٽيم 27 جنوري کان پهرين فيبروري تائين منصوبن جو معائنو ڪندي جڏهن ته پاڪستاني وفد جي قيادت انڊس واٽر ڪمشنر سيد مهر علي شاهه ڪندو. وفاقي وزير جو چوڻ هو ته ڀارت جي قدم کي ڀليڪار ڪيون ٿا، اميد آهي ته ڀارت ٻين حل طلب مسئلن تي به ڳالهين تي راضي ٿئي. ٻئي پاسي انڊس واٽر ڪمشنر مهر علي شاهه ٻڌايو ته وفد چناب درياهه تي بڻجندڙ منصوبي لوئر ڪلنائي ۽ پاڪل دل جو معائنو ڪندو. انڊس واٽر ڪمشنر جو چوڻ هو ته سنڌ طاس معاهدي جي ڀڃڪڙي تي سڄي پاڪستان ڀرپور آواز بلند ڪيو آهي، ڀارتي انڊس واٽر ڪمشنر پي ڪي سڪسينا وفد سان گڏ گذريل سال پاڪستان آيو هو.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو