ڀارت پلوامه حملي بابت ثبوت فراهم ڪري پاڪستان جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪندو:وزيراعظم
February 25, 2019 at 7:04 amاسلام آباد(مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان چيو آهي ته ڀارت پلوامه حملي بابت ثبوت فراهم ڪري پاڪستان جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪندو. ڀارتي وزير اعظم نريندر مودي جي بيان تي رد عمل ڏيندي عمران خان چيو ته 2015 ۾ مودي سان ملاقات دوران ڳالهين تي اتفاق ٿيو هو، اليڪشن سبب ڀارت واويلا ڪري رهيو آهي. هن چيو ته پلوامه حملي جي جاچ ۾ سهڪار جي آڇ ڪري چڪا آهيون، ڀارت چونڊن سبب امن ڪوششن کي تباهه ڪري رهيو آهي. وزير اعظم چيو ته افسوس ڀارت ۾ اليڪشن سبب پاڪستان خلاف زهر اوڳاڇيو پيو وڃي، امن ڳالهيون ڀارتي اليڪشن تائين رڪجي ويون آهن. ٻئي پاسي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته پاڪ فوج ملڪي دفاع لاءِ هر وقت تيار آهي، پنهنجي ڌرتي کان وڌيڪ ڪابه شيءِ مقدس ناهي. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سيالڪوٽ ڀرسان ورڪنگ بائونڊري جو دورو ڪيو، جنهن دوران کيس بريفنگ ڏني وئي. آرمي چيف جوانن جي بلند حوصلي جي واکاڻ ڪندي چيو ته پاڪ فوج هر پنهنجي ڌرتي جي دفاع لاءِ هر وقت تيار آهي.