ڀارت کان ٿر جو علائقو واپس ڪرڻ واري شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جو مشن پورو ٿي ويو؛ بئريسٽر مرتضيٰ وهاب
April 12, 2019 at 7:22 pmڪراچي( اسٽاف رپورٽر ) اطلاعات، قانون ۽ اينٽي ڪرپشن کاتن بابت وزيراعليٰ سنڌ جي صلاحڪار بئريسٽر مرتضيٰ وهاب پنهنجي بيان ۾ وفاقي حڪومت کان وضاحت طلب ڪئي آهي. هن چيو ته ٻڌايو وڃي ته هڪ هفتي
کانپوءِ جنگ ٿيڻ واري آهي يا نوڪريون اچڻ واريون آهن. عوام ان حوالي سان پريشاني جو شڪار آهي بئريسٽر مرتضيٰ وهاب پي ٽي آئي سرڪار کان وضاحت طلب ڪندي چيو ته وزير خارجه شاهه محمود قريشي هڪ هفتي کانپوءِ جنگ ۽ وفاقي وزير فيصل واوڊا نوڪرين جي خوشخبري ٻڌائي رهيو آهي. عوام پي ٽي آئي اڳواڻن جي بيانن مان مونجهاري جو شڪار ٿي وئي آهي. وزيراعظم وضاحت ڪري، بئريسٽر مرتضيٰ وهاب وڌيڪ چيو ته وزيراعظم عمران خان ٻڌائي ته نوجوان پنهنجي بندوقن تي ڪپڙو لڳائين يا پنهنجي سي وي تي، مشتاق غني موجب عوام هڪ ماني کائي يا فيصل واوڊا جي مطابق جشن جي تياري ڪن. خيبرپختونخواه مان سمورو پاڪستان روشن ٿيڻو هيو پر اڄ ٿر پاڪستان کي روشن ڪري رهيو آهي ۽ ان جو ڪريڊٽ پيپلزپارٽي جي سنڌ حڪومت ڏانهن وڃي ٿو، جيڪا عوام سان ڪيل پنهنجا وعدا پورا ڪري رهي آهي. پيپلزپارٽي جي قيادت عوام سان جيڪي واعدا ڪيا آهن، اهي پورا ٿي رهيا آهن، پر پي ٽي آئي سرڪار صرف ڪوڙن واعدن ۽ يوٽرن کي درست قرار ڏيڻ تي توانائي خرچ ڪري رهي آهي. بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته ٿر جي بجلي مان هاڻي فيصل آباد جو فيڪٽريون هلنديون، ڀارت کان ٿر جو علائقو واپس ڪرڻ واري شهيد ڀٽي جو مشن پورو ٿي ويوآهي. ٿر جي ڪوئلي مان پاڪستان کي روشن ڪرڻ واري شهيد محترمه بينظير ڀٽوجي خواب کي تعبير ملي وئي آهي. هن چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي عظيم والده بينظير ڀٽو شهيد ۽ مراد علي شاهه جي والد سيد عبدالله شاهه ٿر منصوبي جي پيڙهه جو پٿر رکيو هو. اڄ شهيد بي بي جو خواب کي انجي باصلاحيت پٽ ۽ عبدالله شاهه جي فرزند ساڀيان ڪري ڏيکاريو. اڄ بوني سياستدانن جا منهن بند ٿي ويا آهن جيڪي پيپلزپارٽي تي الزام مڙهندي ناهن ٿڪندا نه ڄاڻ ته ڇو انهن جا ڇپ سبجي ويا آهن.