ڀارت ۾ ڪانگريس پارٽي جي ريلي دوران پريانڪا گاندهي بجاءِ پريانڪا چوپڙا جا زوردار نعرا لڳايا ويا
December 4, 2019 at 4:02 pmنئين دهلي(شوبز نيوز) ڀارت ۾ ڪانگريس پارٽي جي ريلي دوران بالي ووڊ جي اداڪاره پريانڪا چوپڙا جا زوردار نعرا لڳي ويا جنهن کان پوءِ سوشل ميڊيا تي نعرو هڻندڙ ڪانگريس اڳواڻن کي سخت تنقيد جو نشانو بن/ڏسو صفحو 3 بقايا نمبر 53
ايو پيو وڃي.ڪانگريس طرفان ڪڍيل هڪ ريلي جي دوران اڳواڻ پنهنجي پارٽي اڳواڻن جا نعرا هڻي رهيا هئا ته اوچتو انهن جي زبان ترڪي پئي جنهن کان پوءِ سوشل ميڊيا تي انهن کي سخت تنقيد جو نشانو بنايو پيو وڃي. جڏهن ته وڊيو به ڏسندي ئي ڏسندي وائرل ٿي وئي.وڊيو ۾ ڪانگريس اڳواڻ سونيا گاندهي زنده باد، ڪانگريس پارٽي زنده باد، راهول گاندهي زنده باد ۽ پوءِ پريانڪا گاندهي زنده باد بجاءِ پريانڪا چوپڙا زنده باد چيو ويو. پر ان باوجود به کين پنهنجي غلطي جو احساس نه ٿيو. جنهن کان پوءِ سندن پاسي ۾ بيٺل ماڻهن کين ياد ڏياريو ته هنن غلطي ڪئي آهي ته هو چپ ٿي ويا.